ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو مهم بابت گڏجاڻي.

ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو مهم بابت گڏجاڻي.

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 18 مئي کان هلندڙ پوليو مهم جي تياريءَ بابت گڏجاڻي. تفصيل موجب : گذريل ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ 18 مئي کان هلندڙ پوليو مهم جي تياريءَ بابت گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيمه چيو ته هن دفعي پوليو مهم ڪافي ڪوتاهيو ٿيون آهن جن جي ڪري ڪافي يوسين ۾ مسئلا درپيش آيا آهن. ۽ هن دفعي چيف سيڪريٽري سنڌ جون واضع ۽ سخت هدايتون آهن ته پوليو مهم ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته هن مهم دوران ڪنهن به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي پوليو ٽائيمنگ دوران عام رواجي گڏجاڻي نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو سڄو ڌيان پوليو مهم تي رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڳئين مهم ۾ تعليم کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن پاران به ڪافي شڪايتون مليون آهن ۽ هاڻي بلڪل اهي برداش نه ڪيون وينديون.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته اسان جو مقصد اهو آهي ته پوليو جي ويڪسين کان ڪوبه ٻار نه رهجي. هن چيو ته پوليو ويڪسين ۾ اسان پوري ڊويزن ۾ پهريون نمبر هياسين ۽ هاڻي ڇو پوئتي رهجي ويا آهيون. هن دي ايڇ او ۽ ضلع پوليو فوڪل پرسن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيڪڏهن هن ڪمپئين ۾ ڪوئي به ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪندو يا صحي ڪم نه ڪندو ته ان جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اسان سڀ ملي هن پوليو مهم کي ڪامياب ڪرائينداسين ۽ هن دفعي ايريا انچارج ۽ يوسي ايم او کي سختي سان پابند ڪيو. جيڪڏهن وزت دوران اُتي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڏٺي ته ان جو ذميوار اتان جو انچارج هوندو. هن چيو ته ھر تعلقي اندر ٽيمون مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ويڪسين ڪنديون جنهن جي نگراني تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ صحت کاتي جا آفيسر گڏجي ڪندا آهن ته جيئن ھن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي. ھي پوليو ويڪسينيشن مهم 18 کان 21 مئي 2026ء تائين سڄي ضلعي ۾ جاري رھندي. جنهن ۾ 5 سالن تائين جي عمر وارن ٻارڙن کي ھن مهم دوران پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڳالھائيندي چيو ته پوليو مطلب ھميشہ لاءِ معذوري ان لاءِ ھر ٻار کي ھر دفعي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياري پنهنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي ھن موذي مرض کان بچايو وڃي، ھن گڏجاڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي ٻارن کي ھر مهم ۾ پوليو کان بچاءُ ۽ ٻيا حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳرائن. ان کان علاوه ھن پوليو تعلقا فوڪل پرسنن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته ھر تعلقا پرسن پنهنجي پنهنجي تعلقن جي ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪري پنهنجي علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سان رابطو ڪري ھن مھم کي ڪامياب بڻائن. ھن مھم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪندڙن کي ھر گز برداشت نه ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ھن مھم جي نگراني مان پاڻ ڪندس ۽ جتي به رفيوزل ڪيس آهن انهن کي مهم دوران ھر صورت ختم ڪيو وڃي. ھن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اھي به ھدايتون ڏنيون ته پوليو ٽيمن کي گرمي ۽ ھيٽ ويو کان بچاء لاءِ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي ۽ ٻيا ضروري انتظام ڪري ڏين ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. ھن چيو ته پوليو تي اسان جو خاص ڌيان آهي ۽ اھو قومي ڪاز آهي جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر امتياز احمد ميتلو پوليو مهم بابت گڏجاڻي کي بريفنگ ڏي آگاهه ڪيو.گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ( SRSO)، پي پي ايڇ آء، ايجوڪيشن، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر وائيٽل پاڪستان ٽرسٽ، سميت سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.