لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي

سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ وڪيلن پاران نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج کان ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عورتن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ وڪيلن طرفان سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جي قتل عام، عورتن کي مختلف هنڌن تي حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۽ جرڳا سسٽم خلاف بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻن ڪندڙ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ ثمينه ابڙو، بينظير جتوئي، ناياب سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر سڪينه گاد، شمس النساءَ سولنگي، ريشمان ڏاهري، نثار مغيري، مشتاق تونيو، قدير ڊومڪي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي جتي ڪاروڪاري ڪاري ۽ ڪڌي رسمن جي جاءِ ناهي پر ان جي باوجود سنڌ ۾ هڪ نئون ٽرينڊ غيرت جي نالي تي قتل هلي رهيو آهي، غيرت جو نالو اِهو ناهي ته توهان ڪنهن به عورت کي بيگناهه قتل ڪيو غيرت جو نالو توهان نياڻين جي عزت ۽ احترام ڪيو افسوس جو آهي ته عورتن کي غيرت جي نالي تي جانورن جيان ڪُٺو پيو وڃي پر سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن به مرد سان ڪو زميني مسئلو آهي يا ڪو هوٽل تي وڃي وڙهي ٿو ته اهو مرد گهر اچي نياڻي کي ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪن ٿا هنن چيو ته تعليمي ادارن، ڪم واري هنڌ ۽ عوامي هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪيو پيو وڃي اسين ان جي به مذمت ٿا ڪيون. اسين چاهيون ٿا ته عورتون جيڪي دنيا جي اڌ آبادي جون حصو آهن انهن کي برابري جا حق ڏنا وڃن تازو ئي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خالده چانڊيو، گلان ڀارو سميت ٻين ڪيترن ئي عورتن کي سرعام قتل ڪري اهڙن واقعن کي ڪارو ڪاري جو رنگ ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ جرڳا ڪري نياڻين کي سڱ چٽي يا ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏئي عورتن جي لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عورتن کي به مردن جيان جيئڻ جو حق ڏئي جرڳا سسٽم جو خاتمو ڪيو وڃي.