English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سرڪاري زمينن تي مبينا قبضن ۽ مال پڙي جي اجازت خلاف احتجاج
8 views
|
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ديھ ڪونڪر ۽ ديھ کرکرو ۾ اربين رپين جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي: حاجي فيض محمد پالاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ناليواري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ حاجي فيض محمد پالاري الزام لڳايو آهي ته سب ڊويزن مراد ميمڻ ۾ ايم نائن موٽروي ڀرسان ديھ ڪونڪر ۽ ديھ کرکرو ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪري غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن۔هن چيو ته جميل ميمڻ پوليس ۽ روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سرڪاري زمينن تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته ان معاملي بابت عدالتن ۾ ڪيس به هلندڙ آهن، ان جي باوجود ڪمشنر ڪراچي پاران قرباني جي جانورن جي پڙي لاءِ اجازت ڏيڻ سواليا نشان آهي۔حاجي فيض محمد پالاري وڌيڪ الزام هنيو ته هڪ طرف سرڪاري زمينن تي قبضو ڪري ڀينس ڪالوني قائم ڪئي وئي آهي، ته ٻئي طرف ٿڌي ندي تي غير قانوني اڏاوتن سبب قدرتي وهڪرو متاثر ٿيو آهي۔ هن چيو ته ٿڌي ندي ۾ واڙن جو زهريلو گندو پاڻي وڃڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چمڙي جي بيماريون پکڙجي ويون آهن، جنهن سان مقامي آبادي سخت متاثر ٿي رهي آهي۔هن دعويٰ ڪئي ته زمينن تي قبضن ۾ تپيدار، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار به ملوث آهن، جيڪي مبينا طور ڪروڙين رپيا وٺي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرائڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهن۔سماجي اڳواڻ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جميل ميمڻ طرفان قائم ڪيل مال پڙي کي منسوخ ڪيو وڃي ۽ غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن۔هن وڌيڪ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي سليم بلوچ، ساجد جوکيو، يوسف بلوچ ۽ ٻين چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته مال پڙي جي اين او سي بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ معاملي جي شفاف جاچ يقيني بڻائين۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ سرڪاري زمينن تي مبينا قبضن
0 تبصرے