نوشھروفيروز ۾ پ پ جي سڏ تي مرسون مرسون سنڌو نھ ڏيسون جي نعري ھيٺ ريلي

نوشھروفيروز ۾ پ پ جي سڏ تي مرسون مرسون سنڌو نھ ڏيسون جي نعري ھيٺ ريلي

نوشهرو فيروز (ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪستان جي آبي حقن خلاف نوشهرو فيروز جي اللّٰه واري چوڪ کان پريس ڪلب نوشهرو فيروز تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ۽ ڌرڻو لڳايو ويو، احتجاج جي اڳواڻي پي پي پي ضلع صدر ۽ ضلع چيئرمين سهيل اختر عباسي، ايم اين اي ذوالفقار بهڻ، مسرور احمد راڄپر۔دوست علي سولنگي۔ نظير احمد ميمڻ۔ پير خالد سيف الله سهروردي۔ غلام رسول ڀرٽ۔ امجد علي چانڊيو۔ عبدالرزاق ڀرٽ ۔ ميونسپل چئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي' ميمڻ، محمد ياسين چانڊيو، سيد غلام مرتضي شاه عبدالوحيد عباسي، خان محمد اعواڻ۔ روشن علي وسطڙو، نبي بخش لاکو۔ عصنفر راڄپر۔ عبيد ميمڻ۔ نعمت الله وسطڙو۔ لالا توفيق چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. هن احتجاج ۾ پي پي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مقررن چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي، جنهن جي پاسداري لازمي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارا ڀارت کي معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ پاڪستان جي آبي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.