English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
107 views
|
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪڻڪ جي خريداري ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۽ سرڪاري پاليسي تي مؤثر عملدرآمد بابت غور ويچار
سجاول (رپورٽر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سجاول جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي خريداري ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۽ سرڪاري پاليسي تي مؤثر عملدرآمد بابت اهم اجلاس منعقد ٿي گذريو. اجلاس ۾ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر، سمورن مختيارڪارن سميت واپارين، رائس مل مالڪن ۽ اٽي جي چڪي مالڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪڻڪ جي خريداري بابت موجوده انتظامن، ذخيرن جي صورتحال، مارڪيٽ ۾ دستيابي، ذخيره اندوزي جي روڪٿام، روينيو انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ عوام کي ڪڻڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن، ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عناصرن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سڀئي اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي حدن اندر ڪڻڪ جي منڊين، گودامن، رائس ملن ۽ اٽي جي چڪين جا باقاعده معائنا ڪندا، جڏهن تہ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر روينيو انتظاميه سان مربوط رابطو برقرار رکندي ڪڻڪ جي خريداري ۽ ذخيرن بابت باقاعده رپورٽون پيش ڪندو. وڌيڪ اهو بہ فيصلو ڪيو ويو تہ سڀئي مختيارڪار ذخيره اندوزي يا غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي واقعن جي فوري نشاندهي ۽ رپورٽنگ کي يقيني بڻائيندا. واپارين، رائس مل مالڪن ۽ اٽي جي چڪي مالڪن کي هدايت ڪئي وئي تہ هو پنهنجي اسٽاڪ جو مڪمل رڪارڊ برقرار رکن ۽ جاچ ڪندڙ ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن. اجلاس ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو تہ ڪڻڪ جي خريداري، معائنن ۽ کنيل قدمن بابت روزاني بنياد تي ڪارواين بابت رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڏانهن اماڻي ويندي، جيئن صورتحال جي مسلسل نگراني ۽ مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي اجلاس جي فيصلن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو جي
0 تبصرے