پڊعيدن ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان دڪاندار قتل

پڊعيدن ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان دڪاندار قتل

نوشهرو فيروز (ڊر) ڦل سٽي ڀرسان علي آباد اسٽاپ تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان دڪاندار قتل ٿي ويو. پوليس موجب واقعو پڊعيدن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو. خبر موجب ڳوٺ اسحاق وڳڻ جو رهواسي 28 ورهين جو سانول وڳڻ ولد محب علي عرف ڪوڙو وڳڻ علي آباد اسٽاپ تي پنهنجي دڪان تي مرغي ۽ برف وڪرو ڪري رهيو هو ته اوچتو ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربند اتي پهتا ۽ اچڻ سان ئي مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فائرنگ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيو. موقعي تي موجود وارثن صحافين کي ٻڌايو ته سندن پنهنجي برادري جي ڪجهه ماڻهن سان ذاتي تڪرار هلندڙ آهي جيڪي ست هٿياربند ٽن موٽر سائيڪلن تي اچي سانول وڳڻ کي نشانو بڻائي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پڊعيدن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پيش آيو آهي. پوسٽ مارٽم ۽ وارثن جي فرياد بعد ڪيس داخل ڪري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي ويندي.