English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي، مڪلي ۽ ڀرپاسي اڻ بجلي جي اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف نوجوان روڊن تي نڪري آيا
70 views
|
16th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو يوٿ ڊولپمينٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ساجد شيخ، سرفراز ميمڻ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھھ تي ڌرڻو
ٺٽو (شفيق ڀٽي)ٺٽي، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان 18 کان 20 ڪلاڪن تائين جاري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ فالٽ جو جواز ڄاڻائي بجلي بند رکڻ خلاف شهرين ۽ نوجوانن جو صبر جواب ڏئي ويو. ٺٽو يوٿ ڊولپمينٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻن ساجد شيخ، سرفراز ميمڻ، غلام علي جاکرو، ياسر جاکرو، راجا سميع ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مڪلي باءِ پاس تي ڪراچي ـ ٺٽو قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي "ڳولهي ڏيو، ڳولهي ڏيو، چونڊيل نمائندا ڳولهي ڏيو" جا نعرا پڻ هنيا. احتجاج ۾ ٺٽو شهر جي بخاري محلي، آگر پاڙي، جوڻيجا ڪالوني، پلنگ پاڙي، شاهه گوهر گنج پاڙي سميت مختلف علائقن جا رهواسي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شديد گرمي ۾ روزانو 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند رکڻ سبب ڪاروبار، تعليم، روزگار، پاڻي جي فراهمي ۽ روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، جڏهن ته گئس، پاڻي ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شهري سخت عذاب ۾ مبتلا آهن. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي بجلي فراهم ڪندڙ اصحابي فيڊر تي اضافي لوڊ وڌو ويو آهي، جنهن سبب بار بار بريڪ ڊائون ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هنن حيسڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اصحابي فيڊر تان اضافي لوڊ فوري طور ختم ڪري نئون منظور ٿيل فيڊر جلد فعال ڪيو وڃي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي، مڪلي ۽ ڀرپاسي اڻ بجلي جي
0 تبصرے