English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار سراپا احتجاج
77 views
|
16th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪامياب اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف الله والا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ SPD-01 پوليس ڪانسٽيبل ڀرتي جي جسماني ٽيسٽ، لکت واري امتحان ۽ انٽرويو جا سمورا مرحلا ڪاميابي سان مڪمل ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف الله والا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪجهه وقت لاءِ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي، احتجاج ۾ عمرڪوٽ، ڪنري، سامارو، پٿورو، ڍورونارو، ڇور، نيو ڇور ۽ ضلعي جي ٻين ننڍن وڏن شهرن مان وڏي انگ ۾ ڪامياب اميدوارن شرڪت ڪئي، مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ حڪومت ۽ پوليس اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي غلام مرتضيٰ پلي، محمد آدم مهر، وقاص ڪنڀر، رجب منڱريو، راحيل طاهر آرائين، جمال چوپاڻ، مرتضيٰ منڱريو ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هو هڪ سال اڳ پوليس ڪانسٽيبل ڀرتي جي فزيڪل ٽيسٽ، لکت واري امتحان ۽ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن، پر اڃان تائين کين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب هو سخت ذهني پريشاني، بيچيني ۽ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت، قانون واري وزير ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين فوري طور عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي سمورن ڪامياب اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري انتظار جي ڪيفيت ختم ڪن، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي صوبي تائين وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي
0 تبصرے