English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ سنواريو مھم جي سلسلي ۾ ريلي
43 views
|
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڌاري آبادڪاري ۽ غيرقانوني افغان شھرين جي موجودگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سجاول (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ضلعي سجاول پاران مرڪز جي سڏ تي "سنڌ سنواريو" مهم جي سلسلي ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ غيرقانوني افغان رهواسين جي موجودگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ايس ايس پي آفيس سجاول کان شروع ٿي مختلف رستن تان ٿيندي ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول پهتي، جتي ڪارڪنن ھو افغاني ھو جا زوردار نعرا ھنيا. احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ايس ٽي پي جي ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن محمد اشرف ٿهيم، منظور احمد مگسي، ڪريم پليجو، عبدالغني ملاح، پرويز سنڌي، ممتاز لغاري، شهمير سنڌي، شريف ڪلمتي، اسماعيل جت، اعجاز اختر سومرو، جمن هالو، شفيع ڪلمتي ۽ ذاڪر حسين ڪلمتي ڪئي، جڏهن تہ عطا محمد بنگلاڻي، سيد جمن شاه، رحمان شاه، غفور ڪنڀر، رشيد سولنگي سميت وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن، همدردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ غيرقانوني رهائش سبب صوبي جي وسيلن، زمينن، روزگار ۽ سڃاڻپ کي سنگين خطرا درپيش آهن. هنن چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق هتان جي مقامي ماڻهن جو آهي، تنهن ڪري حڪومت غيرقانوني رهواسين خلاف قانون موجب فوري قدم کڻي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ وارين پاليسين جو خاتمو ڪري. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ترقي پسند پارٽي "سنڌ سنواريو" مهم تحت سموري سنڌ ۾ عوامي شعور پيدا ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي حقن، قدرتي وسيلن، زرعي زمينن ۽ مقامي ماڻهن جي مفادن جي تحفظ لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکندي. هنن خبردار ڪيو تظ جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي عمل نہ ڪيو ويو تہ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. بعد ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ڊپٽي ڪمشنر سجاول کي يادداشت پيش ڪئي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ ڌاري آبادڪاري روڪڻ، غيرقانوني افغان رهواسين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ
0 تبصرے