English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پاران نون تعمير ٿيندڙ ڪاليجن جي ڪمن جو معائنو
48 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم الرحمان ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ ميمڻ ڳوٺ جو دورو ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ نديم الرحمان ميمڻ لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن سان گڏ ميمڻ ڳوٺ جو دورو ڪيو جتي هن نئين تعمير ٿيندڙ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ آڊيٽوريم ۽ لائبريري سميت جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو دوري دوران سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي ڪاليجن ۾ جاري تعميراتي ڪمن جي رفتار، معيار ۽ مڪمل ٿيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن علائقي جي شاگردن کي معياري ۽ بهتر تعليمي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪريٽري رمضان ميمڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس-85 جي سينيئر نائب صدر ابوبڪر ميمڻ، انجنيئر اشرف ميمڻ ۽ حفيظ ميمڻ سميت علائقي واسين ۽ ڪاليج انتظاميا پاران سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي درپيش مسئلن، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ تعليمي ضرورتن بابت آگاهي فراهم ڪئي مقامي نمائندن ڪاليجن ۾ فرنيچر، اسٽاف جي کوٽ، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين انتظامي معاملن بابت پڻ نشاندهي ڪئي، جنهن تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن مسئلن جي جلد حل لاءِ يقين ڏياريو. هن چيو ته حڪومت سنڌ تعليمي ادارن جي بهتري ۽ نوجوانن کي اعليٰ تعليم جون بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ان موقعي تي وائيس چيئرمين سليم ميمڻ، راشد غلام حسين ميمڻ، اسلم ميمڻ ۽ ٻيا معزز شهري پڻ موجود هئا، جن ميمڻ ڳوٺ ۾ تعليمي منصوبن کي علائقي لاءِ خوش آئند قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ملير جي شاگردن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پاران
0 تبصرے