English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران ڳوٺ عارب سولنگي جو دورو
38 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عبدالحميد پنھور محسن هائوس جي انچارج شاهنواز لوهار ۽ پارٽي اڳواڻن ڳوٺ عارب سولنگي جو دورو ڪيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي هدايتن تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي سينئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، محسن هائوس جي انچارج شاهنواز لوهار ۽ ساڻن گڏ پارٽي اڳواڻن ٺٽو لڳ ڳوٺ عارب سولنگي جو دورو ڪيو، جتي هنن پوليس ڪارروائي کان متاثر ٿيل ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري سندن ڏک سور ٻڌا، واقعي بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ پوليس پاران ڊاهيل گهرن جو معائنو ڪيو. وفد متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي کين خاطري ڪرائي ته هو هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلا ناهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سندن هر ممڪن قانوني، اخلاقي ۽ انساني مدد لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنھور چيو ته صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي کين متاثر ڳوٺ جو دورو ڪرڻ ۽ متاثرن سان ملاقات ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته متاثر خاندانن جا مسئلا ۽ مطالبا اعليٰ اختيارين تائين پهچايا ويندا ۽ کين انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. عبدالحميد پنھور چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪارروائي دوران بيگناهه ماڻهن سان زيادتي ٿي آهي، سندن گهر مسمار ڪيا ويا آهن، عورتن ۽ نياڻين جي بي حرمتي يا تذليل ڪئي وئي آهي ته اهو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، جنهن جي منصفاڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، پر قانون تي عملدرآمد دوران شهرين جي عزت، وقار ۽ بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ به رياستي ادارن جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه مظلوم ۽ بي وس ماڻهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ ڪنهن به متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته ڳوٺ عارب سولنگي جي متاثرن کي هر ممڪن امداد، رليف ۽ قانوني سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطا جاري آهن، جڏهن ته صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پڻ معاملي جي ويجهي نگراني ڪري رهيا آهن ته جيئن متاثر خاندانن کي انصاف ملي سگهي. محسن هائوس جي انچارج شاهنواز لوهار پڻ متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته سندن تڪليفن ۽ مسئلن کان حڪومت ۽ پارٽي قيادت کي مڪمل طور آگاهه ڪيو ويندو ۽ هر ممڪن رليف، سهڪار ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکيون وينديون. دوري دوران متاثر ڳوٺاڻن وفد کي پنهنجي نقصان، پيش آيل واقعن ۽ مسئلن بابت تفصيلي آگاهي ڏني ۽ انصاف، نقصان جي ازالي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وفد کين يقين ڏياريو ته سندن آواز وس وارن تائين پهچايو ويندو ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمي
0 تبصرے