عوامي پريس ڪلب ٺٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس, تنظيمي معاملن بابت اهم فيصلا

حفيظ نهڙيو ۽ آڪاش ڀٽو جي ميمبرشپ 15 ڏينهن لاءِ معطل

عوامي پريس ڪلب ٺٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس, تنظيمي معاملن بابت اهم فيصلا

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊيءَ جو اهم اجلاس صدر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن گڏيل مشاورت سان تنظيمي معاملن بابت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا. اجلاس دوران عهديدارن ۾ واڌ ۽ ردوبدل ڪندي ثناءُ الله سمون، علي حيدر سومرو ۽ شعيب ناريجو کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته مڪيش ديو کي اقليتي معاملن جو سربراهه، دادا اقبال ڪنڀار کي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ايم ايڇ ڪنڀار کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ راشد علي جوکيو جي غير ذميواراڻي رويي ۽ پريس ڪلب جي ساک کي نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ سندس ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه حفيظ نهڙيو ۽ آڪاش ڀٽو جي ميمبرشپ 15 ڏينهن لاءِ معطل ڪئي وئي. اجلاس ۾ اي بي شورو، مجاهد واريو، ممتاز علي سميجو، عدنان سمون، ڪامريڊ زاهد جوکيو، منظور پالاري، ممتاز علي سمون، شبير مانجهند، ستار سومرو، رشيد سولنگي، عاشق سولنگي، مختيار جان چانڊيو ۽ مير مقبول خاصخيلي کي شوڪاز وارننگ جاري ڪندي هدايت ڪئي وئي ته هو لکت ۾ وضاحت پيش ڪن ته هو جنرل باڊي جي اجلاس ۾ ڇو شريڪ نه ٿيا ۽ اڳواٽ پنهنجي غيرحاضري بابت ڪوبه اطلاع ڇو نه ڏنو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پريس ڪلب جي آئين، ضابطن ۽ تنظيمي نظم و ضبط تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو ۽ مستقبل ۾ غير ذميواري يا تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي.