English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
12 views
|
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) برساتن جي خوشگوار موسم ۾ ماحول کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۽ ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي عزم تحت پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان جي باني ۽ مرڪزي اڳواڻ مير نادر علي ابڙو جي هدايتن تي سڄي سنڌ ۾ شجرڪاري مهم جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي عمرڪوٽ ۾ پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان ليڊيز ونگ جي وائيس چيئرپرسن جميلان کوسو مختلف هنڌن تي وڻ پوکي شجرڪاري مهم جو افتتاح ڪيو ۽ عوام کي پڻ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ جي اپيل ڪئي، ان موقعي تي جميلان کوسو خطاب ڪندي چيو ته وڻ قدرت جو انمول تحفو آهن ۽ سرسبز ماحول ئي صحتمند سماج جي ضمانت آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد پنهنجي پياري وطن پاڪستان ۽ سنڌ ڌرتي کي وڌيڪَ خوبصورت، سرسبز ۽ آلودگي کان پاڪ بڻائڻ آهي، جيڪڏهن هر شهريءَ پنهنجي گهٽي، پاڙي، اسڪول، مسجد، قبرستان، سرڪاري ادارن ۽ خالي جاين تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ پوکي ان جي سار سنڀال ڪري ته ايندڙ نسلن کي صاف هوا، خوشگوار موسم ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي ٿو، هن وڌيڪَ چيو ته وڻ رڳو آڪسيجن فراهم نٿا ڪن، پر سخت گرمي دوران گرمي پد گهٽائڻ، فضائي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ، برساتن جي قدرتي نظام کي بهتر بڻائڻ، زمين جي ڪٽائي روڪڻ ۽ پاڻي جي ذخيرن کي محفوظ رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هن چيو ته وڻ بيشمار پکين، جانورن ۽ ٻين جاندارن لاءِ پناهه گاهه آهن، جتي کين خوراڪ، ڇانوَ ۽ محفوظ رهائش ملي ٿي، جڏهن ته ميويدار ۽ ڇانوَ وارا وڻ انساني زندگي لاءِ پڻ بيشمار فائدن جا حامل آهن، هن عوام، سماجي تنظيمن، تعليمي ادارن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو شجرڪاري کي قومي ذميواري سمجهي هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پوکيل وڻن جي سار سنڀال کي به يقيني بڻائين، جيئن اهي وڌي ويجهي وڏا وڻ بڻجي ماحول جي خوبصورتي ۽ خوشحالي ۾ اضافو آڻي سگهن، هن سنڌ حڪومت، ٻيلا کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني طور وڻن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته بي دريغ وڻن جي واڍي ماحولياتي تباهي، وڌندڙ گرمي، فضائي آلودگي ۽ جهنگلي جيوت جي خاتمي جو سبب بڻجي رهي آهي، هن چيو ته شجرڪاري سان گڏ موجوده وڻن جي حفاظت به وقت جي اهم ضرورت آهي، آخر ۾ هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو وڌ کان وڌ وڻ پوکي ۽ انهن جي حفاظت ڪري هڪ سرسبز، صاف سٿرو ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم
0 تبصرے