English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي منصوبن جو سلسلو جاري رهندو: مرتضيٰ وهاب
40 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران ناصر جمپ کان ابراهيم حيدري ويندڙ روڊ جو افتتاح
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ناصر جمپ ڪورنگي کان ابراهيم حيدري ويندڙ اهم شاهراهه جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت جي سياست ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪراچي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي منصوبن جو سلسلو جاري رهندو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي روڊ 265 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو ٻن ضلعن کي پاڻ ۾ ملائڻ سان گڏ هزارين شهرين لاءِ آمدرفت جون بهتر سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته هن شاهراهه تي اسپتالون پڻ قائم آهن، جنهن سبب مريضن ۽ عام شهرين کي وڏي آساني حاصل ٿيندي، مرتضيٰ وهاب چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪري عوام سان گڏ بيٺو رهيو، جڏهن ته ڪجهه ٻيا سياسي اڳواڻ ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ نه هئا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو منشور عوام دوست آهي ۽ پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ ڪارڪن عوام جي خدمت تي يقين رکن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻه فلاءِ اوور تعمير ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪورنگي ۾ شهيد وقار لوڌي پارڪ عوام لاءِ هڪ تحفي طور تعمير ڪيو ويو آهي. ڪورنگي پنج نمبر واري پل به ايندڙ اڍائي هفتن اندر عوام لاءِ کولڻ جي اميد آهي، ميئر ڪراچي چيو ته بلديا عظميٰ ڪراچي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري رهي آهي ۽ ڪي ايم سي وٽ ايترا وسيلا موجود آهن، جن جي ذريعي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ايندڙ ميئر لاءِ به ڪي ايم سي جا مالي وسيلا ڪافي هوندا، جيئن ترقياتي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهن، مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري جي ڪي ايم سي اسپتال، جيڪا هڪ وقت بند هئي، هاڻي روزانو 200 کان وڌيڪ مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري بلديا ٽائون جي عوام لاءِ 25 ايڪڙن تي جديد اسپورٽس ڪمپليڪس تعمير ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته شهر مان خوف ۽ بدامني واري صورتحال جو خاتمو آندو ويو آهي ۽ اڄ جو ڪراچي ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر آهي. هن زور ڀريو ته سمورن سياسي ڌرين کي گڏجي شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري رئوف ناگوري، ڊپٽي ميئر سلمان مراد بلوچ، ضلعي ملير جي پي ايس 87 جي ايم پي اي محمود عالم، پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ، ضلعي ڪورنگي جي صدر جاني ميمڻ، قيصر فقير محمد بلوچ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي منصوبن
0 تبصرے