45ورهين جي عبدالعزيز پٽ مولا بخش ملاح کي ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو: وارث
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي تعلقا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوٽو ملاح ۾ ملاح برادري جي ٻنڌرين جو گهٽي تان جهيڙو هڪڄڻو قتل ٿي ويو جهيڙي دوران جوابدارن 45سالا عبدالعزیز پٽ مولابخش ملاح تي ڇرين جا وار ڪري جوابدارن گلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪريڇڏيو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته گهٽي جي ڳالھ تان واقعو پيش آيو.جنهن دوران جوابدارن دوست علي ۽ خان ملاح حملو ڪري مقتول جو گلو ڪپيڇڏيو آهي اهڙو اطلاع ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٿاڻي تي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪريڇڏيو آهي. جتي پوسٽ مارٽمڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته لاش کڻائي اسپتال پهچايو آهي. وڌيڪ جيئن وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو قتل ٿي ويل عبدالعزیز جي وڏيڀاءُ ستار ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي بيگناھ حملو ڪري جوابدارن بيدردي سان قتل ڪريڇڏيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے