ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين نثار ڪيريو، قادر چنا ۽ باغي رفيق ملاح ڪراچي ڊويزن جو تنظيمي دورو ڪيو
ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي، ان موقعي تي ڪراچي ڊويزن جي صدر اعجاز سامٽيو، نائب صدر ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، جنرل سيڪريٽري خير محمد مگسي، جوائنٽ سيڪريٽري رشيد سڌايو، انفارميشن سيڪريٽري ولي ناريجو، ضلعي اولھ جي صدر رياض جلباڻي ۽ ملير ضلعي جي اڳواڻن اصغر سبزوئي، شمشاد زهراڻي، ظهير مهيسر ۽ اياز قمبراڻي جي موجودگي ۾ اهم تنظيمي اجلاس پڻ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڪارڪردگي سان گڏ سنڌ ۽ ملڪ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ان دوران افغان پناهگيرن جي غيرقانوني آبادڪاري، سنڌ جي وحدت خلاف نون صوبن جي تجويزن، سنڌ جي ورهاڱي بابت سازشن ۽ ٻين قومي معاملن تي پڻ خيال ونڊيا ويا، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي قومي حقن، تاريخي وحدت، وسيلن، زمين، سمنڊ، ٻولي، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جو تحفظ هر سنڌ واسي جي گڏيل ذميواري آهي. هنن زور ڀريو ته سنڌ کي درپيش چئلينجن جو مقابلو منظم سياسي جدوجهد، عوامي شعور، قومي اتحاد ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي ئي ممڪن آهي. اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي تنظيمي ڪارڪردگي کي ساراهيندي فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي، زونل ۽ يونٽ سطح تي تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو، جڏهن ته نوجوانن، شاگردن، عورتن، پورهيتن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سان رابطا وڌائي پارٽي جي عوامي بنياد کي مضبوط ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته سنڌ ۾ وڌندڙ قومي، سياسي ۽ سماجي مسئلن بابت عوامي آگاهي مهم کي تيز ڪندي سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ جمهوري ۽ آئيني جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ اثرائتو بڻايو ويندو.
0 تبصرے