ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد

13 آگسٽ تي هاليجي ڍنڍ تي ٿيندڙ ثقافتي ميلي جي تيارين بابت غور

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ 13 آگسٽ تي هاليجي ڍنڍ تي منعقد ٿيندڙ ثقافتي ميلي جي تيارين کي آخري شڪل ڏيڻ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ روينيو ، آثارِ قديمه ، وائلڊ لائيف ، سوشل ويلفيئر، زيبسٽ يونيورسٽي ۽ واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ثقافتي ميلي جي مختلف پروگرامن ، ثقافتي اسٽالن ، هاليجي ڍنڍ جي خوبصورتي ۽ سجاوٽ ، صفائي سٿرائي ، سيڪيورٽي ، شرڪت ڪندڙن لاءِ سهولتن ۽ ٻين انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ، جڏهن ته پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جي ذميوارين ۽ پاڻ ۾ سهڪار بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو ته هاليجي ڍنڍ ضلعي ٺٽي جو هڪ اهم قدرتي ، تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي ۽ اهڙين سرگرمين ذريعي ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ثقافتي ميلي جا سمورا انتظام مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن، جيئن آزاديءَ جي جشن جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ هي پروگرام ڀرپور ۽ ڪامياب بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ميلي دوران ثقافتي رنگن کي نمايان ڪرڻ سان گڏ قومي جهنڊن ۽ ٻين سينگاريندڙ انتظامن ذريعي هاليجي ڍنڍ جي ماحول کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش بڻايو وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن ۽ نمائندن ثقافتي ميلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ مختلف معاملن بابت پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون.