English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪيٽي بندر ۾ ملاح برادري جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
276 views
|
02nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
زميندار سعيد ڪلهوڙي مزدوري کان پئسا گهرڻ تي اسان جي 5 ماڻهن کي گرفتار ڪرايو: مظاهرين
ٺٽو (ڊ ر) ڪيٽي بندر جي رھواسي ملاح برادري پاران بااثر ماڻھن توڙي انھن جي ساٿاري بڻيل پوليس جي زيادتين توڙي سندن بيگناھ ماڻھن کي گرفتار ڪري کين حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف ڳاڙھو/ڪيٽي بندر روڊ تي سوين ملاح برادري جي ماڻھن عورتن ۽ مردن پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ ھڪ احتجاجي مظاھرو محمد حسين ملاح، محمد رمضان ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي متاثر ملاح برادري جي ماڻھن دانھيندي چيو تہ ھنن مزدوري بااثر زميندار سعيد ڪلهوڙي وٽ ڪئي آھي، جنھن کان مزدوري جا پئسا گھريا تہ ھن اسانکي پئسا ڏيڻ بجاء اسانجي پنجن ماڻهن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي اسانکي پوليس پاران حراسان ڪرائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو اھي، جنھن مان کين جاني، مالي نقصان جو خطرو آھي، ھنن ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري بيگناھ گرفتار ڪيل سندن ماڻھن کي پوليس وٽان آزاد ڪرائي کين بااثر زميندار جي زيادتين مان نجات ڏياري سندن ڪيل مزدوري کين ڏياري وڃي، ٻئي طرف ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، محمد ايوب ملاح، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، شفيع محمد ملاح، اشرف ملاح، محمد خان ملاح، مسڪين جمن ملاح ۽ ٻين پاران ڪيٽي بندر جي ملاحن برادري سان بااثر ماڻھن پاران ڪيل ناانصافين توڙي سندن مانھن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي کين پريشان ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي اھي تہ ملاح برادري سان انصاف ڪري ساڻن زيادتيون ڪندِڙ بااثر ماڻھن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Keti
Bunder
Thatta
Malah
Protest
0 تبصرے