English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول واسين سان ھٿيارن جا لائسنس ٺھرائي ڏيڻ جي آڙ ۾ فراڊ جو انڪشاف
views
|
02nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
فراڊين پاران هٿيارن جا لائسنس ٺهرائڻ بهاني لکين رپيا هڙپ، شهرين پاران سندن گرفتاري جو مطالبو
سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ضلعي جي شهرين سان ھٿيارن جا لائسنس ٺھرائي ڏيڻ جي آڙ ۾ تاريخي فراڊ جو انڪشاف، فراڊين پاران هٿيارن جا لائسنس ٺهرائڻ بهاني لکين رپيا هڙپ، شهرين پاران فراڊين کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب سجاول ضلعي جي شهرين سان ھٿيار ٺھرائي ڏيڻ جي آڙ ۾ تاريخي فراڊ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ان سلسلي ۾ مختلف شهرين سيف الله ميمڻ، عمران ميمڻ، مهر علي، احسان ميمڻ، شعيب چانڊيو، رمضان سولنگي، خالد قريشي ۽ ٻين پريس ڪلب دڙو پهچي صحافين اڳيان دانهيندي الزام ھنيو آهي ته ڪراچي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ فراڊي نالي سجاد علي لکڻ پاران پاڻ کي هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ جو ڪلارڪ سڏائي اسان کان في لائسنس جا 60 هزار ورتا ويا آهن، پر ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود اسانکي هٿيارن جا لائسنس نه ملي سگهيا آهن، ڄاڻايل همراه پاران پئسا وٺڻ کانپوءِ اسانجي فون بہ اٽيند نٿو ڪري ۽ اسانجا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا اٿس، ان سلسلي ۾ جڏهن اسان سنڌ سيڪريٽريٽ مان معلومات ورتي ته خبر پئي ته ڄاڻايل همراه هوم ڊپارٽمينٽ نه پر ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪندو آهي ۽ ان ڪافي ماڻهن سان اهڙا فراڊ ڪيا آهن. شهرين سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، هوم ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان جعلسازي ذريعي فراڊ ڪندڙ ڪلارڪ سجاد لکڻ کي گرفتار ڪري ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسانکي پئسا واپس ڏياريا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
weapon
licence
fruad
sajawal
0 تبصرے