English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدين ضلعي ۾ پ پ پاران 5 سئو خاندانن کي مالڪاڻن حقن جون سندون ورهايون ويون
views
|
03rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ حاجي رسول بخش چانڊيو، سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو، تنزيلا ام حبيبه قمبراڻي ۽ ٻيا شريڪ
بدين: ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثر 5 سئو خاندانن کي مالڪاڻا حقوق جون سندون ڏيڻ واري تقريب بدين جيم خانا ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ صوبائي صلاحڪار براءِ بحالي ۽ رليف حاجي رسول بخش چانڊيو، سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو، وزير اعلي سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ براءِ انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايم پي اي تنزيلا ام حبيبه قمبراڻي، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ضلعي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو، وائس چيئرمين فدا حسين منڌرو، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ايم پي اي محمد عرف ڏاڏا ھاليپوٽو، وزير اعلي سنڌ جو اسپيشل اسسٽنٽ پير نور ﷲ قريشي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي جنرل سيڪريٽري ساجدہ ٽالپر، چيئرمين ميونسپل بدين پير محمد صالح قريشي، ارباب امير امان الله، سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن روٽي، ڪپڙا ۽ گهر تي قائم آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سيلاب ۾ واعدو ڪيو هو ته هو سيلاب متاثرين کي نوان گهر ٺهرائي ڏيندو اڄ سڄي سنڌ ۾ 21 لک خاندانن کي نوان گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن انهي سلسلي ۾ ضلعي بدين ۾ پڻ 1 لک 10 ھزار 7 سئو 86 گهر تعمير ٿي رهيا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي ٻين پارٽين جيان صرف نعرہ نٿي هڻي پر هو عملي ڪم ڪري ٿي ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي. تقريب کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ٻڌايو ته حڪومت سنڌ پاران ايس پي ايڇ ايف اسڪيم تحت ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 1 لک 10 ھزار 7 سو 86 گهر تعمير ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ تعلقي بدين لاءِ 23 هزار 1 سئو 14، تعلقي ماتلي ۾ 22 هزار 87، تعلقو شھيد فاضل راهو ۾ 22 هزار 1 سئو 40، تعلقي تلهار ۾ 8 هزار 9 سئو 20 ۽ تعلقو ٽنڊوباگو ۾ 34 هزار 5 سئو 25 گهر تعمير ڪيا ويندا گهرن جي تعمير لاءِ پيسا 4 قسطن ۾ ڏنا ويندا جڏهن ته پهرين فيز ۾ 5 سئو خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حقوق جا سند ڏنا ويا آهن تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وقار احمد ڪلوڙ، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Badin
PPP
MPA
MNA
0 تبصرے