English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف حيدرآباد ۾ ريلي
185 views
|
04th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون، وسيلا وڪڻي رھي آھي، ڪارونجهر جي نيلامي قبول ناهي: اڳواڻ
حيدرآباد(بيورو) ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽع گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو، معشوق چانڊيو، نذير بليدي، ماجد عباسي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون، وسيلا وڪڻي رھي آھي. ڪرپشن لاءِ ڪارونجھر کي بہ نيلام ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۽ ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ رستن تي آھن. اڳواڻن چيو تہ ڪارونجھر سنڌ جو تھذيبي، ثقافتي ورثو آھي. ڪارونجھر امر روپلي ڪولھي جي مزاحمت جو مرڪز آھي. سنڌ جو عوام آصف زرداري کي ڪارونجھر نيلام ڪرڻ نہ ڏيندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي ماڻهن لاءِ روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ٻڌائي تہ پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڇو لٽي برباد ڪري، ڪراچي کان ڄامشورو تائين زمينون وڪڻي، ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ کپائي ۽ ڪارونجھر نيلام ڪري رھي آھن. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان ڇو لڳايو پيو وڃي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌي ماڻهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. اڳواڻن چيو تہ ڪارونجھر جي نيلامي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ بند ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Hyderabad
Qoumi
Qomi awami tahreek
Protest
Karonjhar
government
0 تبصرے