English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف حيدرآباد ۾ ريلي
views
|
04th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون، وسيلا وڪڻي رھي آھي، ڪارونجهر جي نيلامي قبول ناهي: اڳواڻ
حيدرآباد(بيورو) ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽع گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباس پٺاڻ، غلام نبي سومرو، معشوق چانڊيو، نذير بليدي، ماجد عباسي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جا ثقافتي ۽ تھذيبي ماڳ، زمينون، وسيلا وڪڻي رھي آھي. ڪرپشن لاءِ ڪارونجھر کي بہ نيلام ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو وسيلن کي تين وال ڪرڻ ۽ ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن ۽ رستن تي آھن. اڳواڻن چيو تہ ڪارونجھر سنڌ جو تھذيبي، ثقافتي ورثو آھي. ڪارونجھر امر روپلي ڪولھي جي مزاحمت جو مرڪز آھي. سنڌ جو عوام آصف زرداري کي ڪارونجھر نيلام ڪرڻ نہ ڏيندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جي ماڻهن لاءِ روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ٻڌائي تہ پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڇو لٽي برباد ڪري، ڪراچي کان ڄامشورو تائين زمينون وڪڻي، ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ کپائي ۽ ڪارونجھر نيلام ڪري رھي آھن. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان ڇو لڳايو پيو وڃي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌي ماڻهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. اڳواڻن چيو تہ ڪارونجھر جي نيلامي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ بند ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Hyderabad
Qoumi
Qomi awami tahreek
Protest
Karonjhar
government
0 تبصرے