English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول: اي ڊي سي ون غلام حيدر خاصخيلي جي رٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقد
202 views
|
18th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
غلام حيدر خاصخيلي ضلعي ۾ اعليٰ انتظامن جي قيام سان حڪومتي پاليسين تي عمل ڪيو: ڊي سي
سجاول(رپورٽر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام حيدر خاصخيلي جي رٽائرمينٽ تي ڊي سي آفيس سجاول ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي انتظامي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته غلام حيدر خاصخيلي سجاول ضلعي ۾ اعليٰ انتظامن جي قيام سان حڪومتي پاليسين تي عمل ڪيو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا. هن غلام حيدر خاصخيلي جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين انتظامي آفيسرن ۽ عملي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سجاول ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طور پوسٽنگ جو عرصو يادگار رهيو، جنهن دوران سينيئر ۽ ساٿي آفيسرن کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. هن سندس اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميا جي ٻين آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا پڻ مڃيا. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين آفيسرن ۽ عملي پاران رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام حيدر خاصخيلي کي سنڌ جي روايتي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II رڌا ٽالپر، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sajawal
Gulam Hyder
Khaskheli
0 تبصرے