English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جو سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميھ جي بي ڌياني سبب گندگي جي ڍير ۾ تبديل
views
|
20th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
گلشن بلوچ پاڻي ۾ ميت گندگي پاڻي مان گذاري قبرستان منتقل ڪئي وئي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون گندگي جي ور چڙهي ويو. سيوريج سسٽم ناڪاره ٿيڻ ڪري علائقن ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل. انتظاميه غائب. يوسي 8 جي گلشن بلوچ محلي واسي گندي پاڻي مان ميت کي قبرستان دفن ڪرڻ لاء گذاريو ويو. ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل. تفصيل موجب ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه جي عدم دلچسپيءَ سبب يوسي 8 جي علائقي گلشن بلوچ محلي جي مين گھٽين تي بيٺل پاڻي مان ميت کي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ گذاريو ويو، شھرين پاڻي مان جنازو گذارڻ جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، شعور رکندڙن پاران سوشل ميڊيا تي انتظاميا مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي. شهرين جو چوڻ هو ته انتظامي لاپرواهي جي ڪري يوسي 8 جي علائقي جي مين گھٽين رستن تي گندو پاڻي تلاءَ جي صورت ۾ بيٺل آهي. رھواسين ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود يوسي انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء تيار ناھي. جنھن سبب مسجدن توڙي گھرن ڏانھن ويندڙ رھواسي عذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ھنن چيو ته گھرن ڏانھن ويندڙ رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي اڄ علائقي ۾ ميت ٿي وئي جنھن کي مجبورن گندي پاڻي مان ميت کي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ کڻي ويا آھيون. ھنن چيو ته يوسي انتظاميه توڙي سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه نااھل آھي جيڪي ڪم نه پر رڳو ڦوٽو سيشن لاءِ چونڊيا ويا آھن. ھنن ميئر ڪراچي بئريسٽرمرتضي وھاب کان مطالبو ڪيو ته فوري طور يوسي 8 گلشن بلوچ محلي ۾ بيٺل گندي پاڻي جي نيڪالي ڪرائي رھواسين کي پريشاني کان بچايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Karachi Gaddap
Town Suhrab goth
Village
0 تبصرے