English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تعزيتي ميڙاڪو منعقد
views
|
21st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
تعزيتي ميڙاڪي ۾ منظور ميراڻي، اقرار پيرزادو، اسد ٻگھيو، عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين صحافين پاران شرڪت
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تي ڏوڪري پريس ڪلب طرفان تعزيتي ميڙاڪو، وڏي انگ ۾ قلم ڌڻين جي شرڪت، ڀرپور نموني ڀيٽا پيش، محمد رمضان جوڻيجو جي صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، منظور ميراڻي، اقرار پيرزادو، اسد ٻگهيو ۽ ٻين جو خطاب. تفصيل موجب ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تي ڏوڪري پريس ڪلب پاران هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت سينئر صحافي منظور ميراڻي ڪئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ سنڌ صحافي اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جو قائم مقام صدر اسد ٻگهيو، ليکڪ اديب اقرار پيرزادو،سينئر صحافي فدا حسين ابڙو، عبدالجبار ميمڻ، وحيد جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هئا جڏهن ته تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب ۾ قاضي آفتاب احمد، اطهر سنديلو، ياسر منگي، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، ديدار سومرو،حسن جوڻيجو، جي ايم جهتيال،صدام ٻگهيو، نديم ميمڻ،مقبول ڪانڌڙو، وحيد ڳاهو،امداد ٻگهيو، قاضي سهيل احمد،عرفان موريو، عبدالحڪيم ابڙو، معشوق ڏيرو، اطهر ميمڻ، جبران منگي، واجد جوڻيجو، ساجد جوڻيجو، تاج محمد، مهراڻ جوڻيجو، زمان سولنگي، شهاب الدين جتوئي،نور احمد خاصخيلي، عبدالقيوم جوڻيجو، منظور علي ماڇي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته محمد رمضان جوڻيجو صحافت ۾ پاڻ کي سچي ۽ کري قلمڪار طور مڃرايو، هو ڏوڪريءَ تعلقي جو هڪ متحرڪ ڪردار هيو جنهن نه رڳو صحافتي محاذ پر سياسي ۽ سماجي حوالي سان پڻ ڏوڪري شهر ۽ شهرين لاءِ جاکوڙيو پنهنجي ان کري طبيعت سبب کيس ڪيترائي ڀيرا اذيتون ڀوڳڻيون پيون ۽ مٿس قاتلاڻا حملا ٿيا پر سندس ڪرت ۾ ڦيرو نه آيو، نه رڳو ايترو پر کيس جيل ياترائون ڪرايون ويون جڏهن ته هڪ ڀيرو قاتلاڻي حملي ۾ کيس مٿي ۾ ڪهاڙي هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري ڪيترو ئي عرصو ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ ٻئي ڀيري کيس ڏوڪري پريس ڪلب ۾ گهري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جسماني سزائون سندس سوچ کي بدلائي نه سگهيون،تعزيتي ميڙاڪي کان بعد خيرات جي ماني تقسيم ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh karachi
Dokri
Larkana
Junejo
Press C
club
0 تبصرے