English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تعزيتي ميڙاڪو منعقد
160 views
|
21st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
تعزيتي ميڙاڪي ۾ منظور ميراڻي، اقرار پيرزادو، اسد ٻگھيو، عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين صحافين پاران شرڪت
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تي ڏوڪري پريس ڪلب طرفان تعزيتي ميڙاڪو، وڏي انگ ۾ قلم ڌڻين جي شرڪت، ڀرپور نموني ڀيٽا پيش، محمد رمضان جوڻيجو جي صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، منظور ميراڻي، اقرار پيرزادو، اسد ٻگهيو ۽ ٻين جو خطاب. تفصيل موجب ڏوڪري جي سينئر صحافي محمد رمضان جوڻيجو جي وڇوڙي تي ڏوڪري پريس ڪلب پاران هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت سينئر صحافي منظور ميراڻي ڪئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ سنڌ صحافي اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جو قائم مقام صدر اسد ٻگهيو، ليکڪ اديب اقرار پيرزادو،سينئر صحافي فدا حسين ابڙو، عبدالجبار ميمڻ، وحيد جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هئا جڏهن ته تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب ۾ قاضي آفتاب احمد، اطهر سنديلو، ياسر منگي، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، ديدار سومرو،حسن جوڻيجو، جي ايم جهتيال،صدام ٻگهيو، نديم ميمڻ،مقبول ڪانڌڙو، وحيد ڳاهو،امداد ٻگهيو، قاضي سهيل احمد،عرفان موريو، عبدالحڪيم ابڙو، معشوق ڏيرو، اطهر ميمڻ، جبران منگي، واجد جوڻيجو، ساجد جوڻيجو، تاج محمد، مهراڻ جوڻيجو، زمان سولنگي، شهاب الدين جتوئي،نور احمد خاصخيلي، عبدالقيوم جوڻيجو، منظور علي ماڇي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته محمد رمضان جوڻيجو صحافت ۾ پاڻ کي سچي ۽ کري قلمڪار طور مڃرايو، هو ڏوڪريءَ تعلقي جو هڪ متحرڪ ڪردار هيو جنهن نه رڳو صحافتي محاذ پر سياسي ۽ سماجي حوالي سان پڻ ڏوڪري شهر ۽ شهرين لاءِ جاکوڙيو پنهنجي ان کري طبيعت سبب کيس ڪيترائي ڀيرا اذيتون ڀوڳڻيون پيون ۽ مٿس قاتلاڻا حملا ٿيا پر سندس ڪرت ۾ ڦيرو نه آيو، نه رڳو ايترو پر کيس جيل ياترائون ڪرايون ويون جڏهن ته هڪ ڀيرو قاتلاڻي حملي ۾ کيس مٿي ۾ ڪهاڙي هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري ڪيترو ئي عرصو ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو ۽ ٻئي ڀيري کيس ڏوڪري پريس ڪلب ۾ گهري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جسماني سزائون سندس سوچ کي بدلائي نه سگهيون،تعزيتي ميڙاڪي کان بعد خيرات جي ماني تقسيم ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh karachi
Dokri
Larkana
Junejo
Press C
club
0 تبصرے