English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آءِ ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آهن: اياز لطيف پليجو
168 views
|
29th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
4ھزار واري کنڊ 7 ھزار روپيا ، 26 سئو وارو اٽو 6000 روپيا مڻ، 3ھزار وارا چانور 8600 روپيا ٿي ويا آهن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آئي ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي پاليسيون جوڙي غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. بجلي، گئس، پئٽرول، انساني زندگي بچائيندڙ دوائون،اٽو ۽ کنڊ سميت ٻين شين جا اگھ آسمان تي پھچي ويا آھن. پي ٽي آئي، پي ڊي ايم ۽ پ پ حڪومت مھانگائي ۾ اضافو ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ 4 ھزار واري کنڊ 7 ھزار روپيا روپيا 26 سئو وارو اٽو 6000 روپيا مڻ، 3ھزار وارا چانور 8600 روپيا، 1650 واري اينگرو يوريا ٻوري ساڍا 4 ھزار کان 5 ھزار روپين ۾ بليڪ تي ملي رھيو آھي. 500 وارو سيمينٽ 1250 روپيا ٻوري ملي رھيو آھي. بجلي، گيس، پيٽرول، سبزي، فروٽ، تعليم ۽ ان کان علاوه انسان جي ضرورت جي ھر شئي جا ريٽ آسمان تائين پھچائي ھر پورھيت ۽ غريب کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي مزدور، ھاري ۽ پورھيت عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي. موجوده نگران حڪومت کي بہ احساس ئي ناھي تہ 500 کان ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ ماڻھو پنھنجي گھر جو گاڏو ڪيئن ھلائي سگھندو، زندھ رھڻ لاءِ رڳو اٽو نہ گھرجي. گھٽ آمدني وارو يا مسواڙ جي جڳھ ۾ رھندڙ ماڻھو تعليم، صحت، ڪپڙو، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورتون ڪيئن ٿو خريد ڪري سگھي. حڪمران طبقي لاءِ تہ ڪو مسئلو ناھي پر پورھيت ماڻھو سڄو ڏينھن رت ۽ پگھر وھائڻ باوجود سک جو ساھ نٿا کڻي سگھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ظالم حڪمران شاھي پروٽوڪول ۽ ڪرپشن ۾ پورا آھن ۽ اسان عوام جا چپ سبيل آھن. غلام قوم آھيون. ڪيڏانھن وئي پيپلز پارٽي ۽ انھن جا اتحادي جيڪي سنڌ کان مارچ ڪري اسلام آباد ويا ھئا ھاڻي اھي ڪٿي گم آھن. ھاڻي تہ ھر شيي جو ريٽ عروج تي آھي. ايتري مھانگائي جي ڪري روز خودڪشيون پيون ٿين. غريب ماڻھو ھڪ ٽڪر لاء پريشان آھي. اياز لطيف پليجي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو آھي تہ نوجوانو! پڙھو، ڪم سکو ۽ ٻاھر نڪرو. انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو. سي ايس ايس، سي اي، ٽيڪنيڪل ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز، اسڪل ڊولپمينٽ ٽريننگز ڪيو. انگلش سکو، چائنيز، جرمن، عربي، رشين، اسپينش ۽ فرينچ سکو، فورسز جوائن ڪيو، فارين اسڪالرشپز جا امتحان ڏيو. ڳوٺن مان وڏن شھرن ۾ اچو، پرڏيھ وڃو، ڪاروبار ڪيو. روزگار ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz latif palejo
qoumi awami tahreek
sindhyani tahreek
0 تبصرے