English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: سچل ڳوٺ ويجهو رٽائرڊ آفيسر جو پلاٽ جعلي فائيل ذريعي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
230 views
|
30th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو: خادم حسين تنيو
گڏاپ (رپورٽر) ڪراچي سچل ڳوٺ ڀرسان پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي رٽائرڊ پيرسن ملازم جو پلاٽ جعلي فائيل ٺاھي بااثر لينڊ مافيا وحيد عباسي جي حوالي ڪري ڇڏيو پيرسن جي پلاٽ قبضو متاثر پيرسن جون صحافين آڏو دانھون تدارڪ جي اپيل سوسائٽي جي انچارج ايڊمنسٽريٽر تي سوسائٽي اندر ڪيترن ئي پلاٽن جا جعلي فائيل ٺاھي قبضا مافيا جي ماڻھن کي ڏئي ڪري ڪروڙين روپيا ڪمائڻ لڳو خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ ڀرسان پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سوسائٽي اندر رٽائرڊ ملازم پيرسن خاد حسين تنيو جي ورتل پلاٽ جو جعلي فائيل ٺاھي لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي جي حوالي ڪري ڇڏيو جنھن جعلي فائيل ملڻ بعد رٽائرڊ پيرسن ملازم خادم حسين تنيو جي پلاٽ ھٿياربند ماڻھو ويھاري قبضو ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ متاثر پيرسن خادم حسين تنيو صحافين آڏو دانھيندي چيو تـ پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ نمبر A 20 آھي جنھن جو سوسائٽي جي ڪرپٽ انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي ڊپليڪيٽ فائيل ٺاھي لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي جي نالي تي ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڄاڻايل پلاٽ تي پنھنجا ھٿياربند ماڻھو ويھاري ڇڏيا آھن جنھن جي خلاف سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاھد لغاري پڻ لکت ۾ درخواست ڪئي آھي مگر اھو پڻ بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي ۽ ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سان ٻٽ ھجڻ سبب ڪا بـ ڪارروائي ڪرڻ جي لاء تيار نـ آھي ھن وڌيڪ چيو تـ پي سي ايس آء آر ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جو انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سوسائٽي اندر مختلف پلاٽن جا جعلي فائيل ٺاھي قبضا مافيا جي ماڻھن کي وڪرو ڪري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيو آھي جڏھن تـ مختلف پلاٽن جا ڊپليڪيٽ فائيل ھجڻ سبب سوسائٽي اندر جھيڙا پڻ معمول بڻجي ويا آھن ھن چيو تـ ڪرپٽ نااھل انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي کي ھٽائي منھنجي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ وحيد عباسي خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Gaddap
Sachal goth
village
land mafia
0 تبصرے