English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، ڪنهن به ملازم جي پگهار 2 لک روپين کان وڌيڪ نہ هجي: اياز لطيف پليجو
35 views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي پابندي لڳائي وڃي، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن جڙ مان ختم ڪئي وڃي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ ملڪ معاشي بحران ۾ آهي هنگامي قدم کنيا وڃن ڪنهن بہ ملازم جي پگهار 2 لک روپين کان وڌيڪ نہ هجي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سولر قرض ڏنو وڃي۔ اياز لطيف پليجي پاڙيسري ملڪن سان ٽڪراءُ بجاءِ تجارت ڪئي وڃي، وڏن گهرن، وڏين دڪانن، وڏين گاڏين جي مالڪن کان ٽئڪس وٺو. 20 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي مالڪن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي پابندي لڳائي وڃي، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن جڙ مان ختم ڪئي وڃي نگران حڪومت کي عوام جو ڪو فڪر نہ آهي، غلط معاشي پاليسي ۽ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام ڀوڳي رھيو آھي. حڪمرانن وٽ ڪا بہ عوام دوست معاشي پاليسي ناھي. موجوده نگران حڪومت بہ عوام لاء ماضي جي حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتون نٿيون چاھين تہ پاڪستان جون خودمختيار پاليسيون ھجن ۽ اھو معاشي طور مستحڪم ھجي ۽ ترقي طرف وڌي سگھي، ان ڪري انھن سازشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ اتحاد جي ضرورت آھي، خودمختيار معاشي پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آھي، صوبن کي پنھنجن وسيلن تي اختيار ڏئي انھن کي وڌيڪ ترقي يافتا بنائڻ جي ضرورت آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي ليول، ملڪي ۽ سنڌ جي بدلجندڙ حالتن ۾ پاڻ کي تيزيءَ سان تبديل ۽ بھتر ڪيو، جيڪو جدت، دانائي ۽ تبديلي قبول نہ ڪندو، فنا ٿي ويندو، نوان علم، نوان ھنر، نوان فن سکو.. پِٽڪو ڪرڻ، مھم جوئي ڪرڻ، عارضي ڊرامائي اعلان ڪرڻ سان ڪجھ نہ ورندو، مستقل مزاجي سان ڊگھي ۽ اڻورچ جدوجھد ڪرڻي پوندي. سنڌيو،نوجوانو، خوف، مايوسي، دلشڪستگي، منافقي ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Qoumi awami tahreek
Ayaz latif palijo
QAT
Sindhyani tahreek Sindiani
0 تبصرے