English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ تي انڪروچمينٽ ۽ روينيو عملي جي چڙھائي، مڇريل ماڻھن جو ڌرڻو
views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
مڇريل ماڻحن پاران ايوب ڳوٺ کان سپر ھاءِ وي ويندڙ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل
ڪراچي (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ ۾ انڪروچمينٽ ۽ روينيو عملي جي چڙھائي. مڇريل ماڻھن انتظاميه خلاف احتجاج ڪري ايوب ڳوٺ کان سپر ھاءِ وي ويندڙ مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي. احتجاجي ڪيمپ تي سياسي سماجي اڳواڻن نور خان برفت. ديدار چانڊيو. سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس رمضان بليدي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالستار برفت. صفدر ابڙو. مير گل جمالي ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جون سازشيون ڪيون پيون وڃن، جنھن جي ھو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا ، سنڌ نيشنل پارٽي ڪراچي ۾ آباد سنڌي ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ لاء ھميشه اڳڀري رھندي، سنڌ جي دل ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن کي لاوارث نه ڇڏيو ويندو، جيڪڏھن نگران حڪومت ۽ اعلي عدالتن کي سرڪاري زمينون خالي ڪرائڻيون آھن ته پوء ھزارين ايڪڙ زمين تي پناھگير ۽ ڌاريا آباد آھن انھن کان خالي ڪرايون وڃن، صرف ڌرتي ڌڻين جا قديم ماڳ خالي ڪرائڻ سڌي سئين تعصب پرستي آھي، جنھن کي سنڌ نيشنل پارٽي سميت سنڌ جون ٻيون قومپرست پارٽيون ۽ سنڌ پرست ڪڏھن به سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي يوسي چيئرمين نور خان برفت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان نور محمد ڳوٺ ڊاهڻ جو ڪو به حڪم ناھي آيو، انتظاميه لينڊ مافيا جي ونگار تي ھتي پھتي آھي، اسين ھن ڌرتي جا وارث آھيون ڪڏھن به ڳوٺ ڊاھڻ نه ڏينداسين ۽ سخت مزاحمت ڪرڻي پئي ته ڪنداسين پر پنھنجي ڳوٺ کي ڊاھڻ نه ڏينداسين، ديدار چانڊيو چيو ته گورنر سنڌ ڳوٺن کي ڊاھڻ جون سازشيون شروع ڪيون آھن، پر سندس ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي پنھنجي ووٽرن جي مالڪي ڪري ھي اھي ڳوٺ آھن جن ھميشه پ پ پارٽي لاء قربانيون ڏنيون آھن، ڳوٺاڻن عائشه۔ نسرين ۽ ٻين چيو ته ھڪ ھڪ پيسو جمع ڪري گھر ٺھرايا، جڏھن اسان جا گھر ٺھي رھيا ھيا ان مھل پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ڳري رشوت وٺي اسان کي گھر ٺاھڻ جي اجازت ڏني، اڄ اسان جا گھر غير قانوني ڪيئن ٿيا، سنڌ ھاء ڪورٽ جي آرڊر جي ڌمڪي ڏئي اسان جا گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃين اگر اسان جا گھر ڊاھيا ويا ته اسين پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين ، ھنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو تہ ڪراچي ۾ آباد سنڌي ڳوٺن خلاف ڪاروائيون بند ڪري ڳوٺن کي ليز ڏئي پڪو ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
karachi gaddap
encroachment
opration
0 تبصرے