English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پيٽروليم ۽ بجلي جي وڌايل اگهن کي رد ڪري ڇڏيو
112 views
|
02nd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي پي ڊي ايم ۽ پ پ جي اتحادي حڪومت ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم ۽ بجلي جي وڌايل قيمتن کي رد ڪندي چيو آھي تہ اڳوڻي پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو آھي. نگران حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. بي رحم ۽ بي حس حڪمرانن کي احساس ناهي تہ پيٽروليم.جون قيمتون وڌڻ ڪري پاڪستان جو 24 ڪروڙ عوام بک بدحالي جو شڪار ٿي مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھيو آھي. پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي. مھانگائي جو طوفان ملڪ کي ايٿوپيا بنائي ڇڏيندو. پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌڻ سان زندگي جي ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت آئي ايم ايف جي حڪم تي روزانو عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. غريب عوام لاءِ ٻہ وقت جي ماني بہ مشڪل ڪري ڇڏي آھي. تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪري اھو پيغام ڏنو ويو آھي تہ جن وٽ پئسو ناھي، جيڪي غريب آھن، انھن کي زندھ رھڻ جو ڪو حق ناھي، اھي ڀلي تڙپي تڙپي مري وڃن. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن عالمي مالياتي ادارن کان اربين ڊالر وٺي ڪرپشن ڪري لنڊن، آمريڪا، سوئيٽزرلينڊ ۽ ٻين محفوظ ملڪن ۾ عوام جي دولت منتقل ڪري ڇڏي ۽ 24 ڪروڙ عوام کي مقروض ڪري ڇڏيو آھي. تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌڻ سان مزدور، ھاري ۽ غريب جي زندگي بيھي رھي آھي، سفر مھانگو ٿي ويو آھي، جيڪا شئي ٽرانسپورٽ ذريعي مارڪيٽ تائين پھچي ٿي اھا وڌيڪ مھانگي ٿيڻ ڪري ماڻھو مان خريداري قوت ختم ٿيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي غدار جاگيردار شاھي، ويڪائو سرمائيدارن ۽ ڪرپٽ حڪمران ٽولن پنھنجن ذاتي مفادن خاطر ملڪ کي عالمي سامراجين، ڪرپٽ ۽ دھشتگرد مافيا وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ضروري آهي تہ صرف چھرن کي بدلائڻ بجاءِ ھن نظام کي تبديل ڪيو وڃي. پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائڻ عوام دشمني آھي، ماڻھن جو معاشي قتل آھي، انڪري فوري طور تي پيٽروليم ۽ بجلي جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ayaz latif
palijo
QAT
qoumi awami tahreek
sindhiyani
tahreek
sindhiani
0 تبصرے