English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: سچل ڳوٺ ۾ ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي حملي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو
256 views
|
07th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مختلف سياسي سماجي مذھبي قومپرست ادبي تنظيمن، فنڪارن ۽ وڪيلن پاران ڌرڻو ھنيو ويو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ سنڌ مان اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي ۽ ڪنڌڪوٽ ڌرڻي مٿان پوليس جي ٿيل لٺبازي خلاف قومي عوامي تحريڪ جسقم جماعت اسلامي عوامي جمھوري پارٽي پ پ شھيد ڀٽو ڪراچي سوشل فورم مڪلي ويلفيئر سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن اديبن وڪيلن اداڪارن طرفان ھٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھري بعد سچل ڳوٺ جي مين گيٽ وٽ پنج ڪلاڪ ڌرڻو وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون پوليس جي پڻ وڏي نفري ڌرڻي واري ھنڌ موجود ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاء پوليس جون منٿون خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ جي مين گيٽ وٽ سنڌ مان اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي مٿان پوليس جي ٿيل لٺبازي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ مظھر راھوجو فرحان لاڙڪ جسقم جو الاھي بخش بڪڪ جماعت اسلامي جي حماد ڀٽو ممتاز اڄڻ ڊاڪٽر سڪندر بلوچ پ پ شھيد ڀٽو جي اعجاز منگي عبدالمنان چانڊيو عوامي جمھوري پارٽي جي لعل محمد چانڊيو سنڌياڻي تحريڪ جي افروز ڪٽپر سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ سعيدا گوپانگ سنڌ سولنگي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ اياز حسين سولنگي يوسف سولنگي پي ٽي آء جي آفتاب گوپانگ ڪراچي سوشل فورم جي پنھل لاڙڪ ايس ايس او جي مرڪزي اڳواڻ گلاب راء مڪيش ڪمار سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اديبن اداڪارن وڪيلن جنھن ۾ اقبال حسين چنو عرفان عالماڻي نسيم شاھاڻي فرحان سومرو صلاح الدين صديقي صدام سھتو حمزو سيال علي گل ملاح سھراب سومرو ڪائونسلر عبدالقادر ڏيپر ذاڪر ڪانڌڙو منان شيخ وڪيل ڪوثر شر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن طرفان ڪراچي جي سچل گيٽ اڳيان مين روڊ تي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي ڌرڻو ھڻي پنجن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ اغوا ٿيلن جي بازيابي ۽ پوليس جي پر امن ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي ڪيل لٺبازي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تـ سنڌ جي پر امن ڌرتي کي ھٿ سان وٺي ڪري بدامنيء جي باھ ۾ ڌڪيو ويو ويو آھي سنڌ جا ماڻھو ھاڻي مڪمل طور تي غير محفوظ بڻيل آھن اغوا انڊسٽري تمام گھڻيو زور وٺي وئي آھي رياست ڌاڙيلن خلاف ڪا بـ ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻجي وئي آھي اغوا ٿيل ماڻھن جي گھرن ۾ ماتم بڻيل آھي مگر حڪمرانن ۽ پوليس کي اغوا ٿيلن جي بازيابيء لاء ڪا بـ پريشاني ڳڻتي نـ آھي ھنن چيو تـ سنڌ جا ماڻھو ھاڻي سجاڳ ٿي چڪا آھن حڪمرانن کي ھاڻي سمجھڻ گھرجي تـ جيڪڏھن ھاڻي سنڌ جو عوام محفوظ نـ رھيو تـ پوء اھي بـ محفوظ نـ رھندا نـ وري انھن جا محل بنگلا محفوظ رھندا جن ۾ ويھي ھو صرف عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن مگر سنڌ جي اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابيء لاء انھن کي ڪا بـ پرواھ نـ آھي ھنن وڌيڪ چيو تـ ڪنڌڪوٽ پر امن ڌرڻي تي پوليس جي ٿيل لٺبازي شرمناڪ عمل آھي ملوث سمورن پوليس اھلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري انھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کان گھر ڪئي تـ سنڌ مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابيء جي لاء جلد قدم کنيا وڃن ٻئي طرف سموري سنڌ ھاڻي سراپا احتجاج بڻجي ويندي ھوڏانھن پنجن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي سبب وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاء مظاھرين کي منٿون ڪندي رھي جڏھن تـ پنجن ڪلاڪن بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh Gaddap
Karachi sachal goth
jsqm QAT
0 تبصرے