English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ، ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاجي ريلي
290 views
|
08th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي عوامي مرڪز جي سڏ تي شبير ڀٽي، ممتاز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي تي ٿيندڙ پوليس ڪاروائي ۽ مظاھرين تي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ واري عمل توڙي معصوم پريا ڪماري سميت ٻيا مغوي بازياب نہ ٿيڻ خلاف قومي عوامي عوامي مرڪز جي سڏ تي ٺٽي ۾ قومي عوامي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر شبير ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ممتاز شيخ، صاحب ڏنو سمون، سماجي اڳواڻن جمشيد قريشي، گلاب رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر ٺٽو کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ۾ شامل ڪارڪن سنڌ ۾ سرداري نظام ۽ اغوا انڊسٽري خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ھڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ھٿي ڏني پئي وڃي، سڄي سنڌ ۾ بربريت پيدا ڪئي وئي آھي، ھاڻي تہ معصوم ٻار ۽ عورتون بہ محفوظ ناھن. ھنن چيو تہ معصوم پريا ڪماري گذريل 2 سالن کان ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھي ۽ ان سميت 25 کان مٿي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آھن، جن ۾ عورتون بہ شامل آھن پر پوليس انھن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪرڻ بدران مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي، مظاھرين تي سخت تشدد ڪيو ويو جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو تہ معصوم پريا ڪماري سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا وڃن ۽ ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي حملو ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروايون ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Thatto
QAT
qoumi awami tahreek
0 تبصرے