English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي عربن جي دور انديشي، ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو: اياز لطيف پليجو
views
|
10th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي دبئي، عجمان ۽ شارجه ۾ آجياڻا
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي دبئي، عجمان ۽ شارجه ۾ آجياڻا ڏنا ويا. ان موقعي تي ھن خطاب ڪندي چيو تہ اسان کي عربن جي دور انديشي، ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو. دبئي، نيوم، شرم الشيخ، بالي، استنبول ۽ لنڪاوي جا شهر بہ مسلمان ملڪن ۾ آهن. امارات ۾ رهندڙ سنڌي وڌ ۾ وڌ هم وطنن کي هتي روزگار لاءِ گهرائين. دبئي وانگر پاڪستان مان بہ غير قانوني رهندڙن کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان اڪيلا ٿياسين تہ تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي خيالي دنيا مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا ۾ آڻڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستاني شاگردن کي سعودي عرب ۽ نار ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاھ ڪيو وڃي. سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ روزانو ماڻهو اغوا ٿين ٿا پيپلزپارٽي ظلم سردارن، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سھولت ڪار آهي، سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. ڪو بہ معاشرو برداشت ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران پيدا ڪيو ويو آهي. وفاقي ۾ اقتدار جي جنگ آهي، وڏين سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻيل آهي. پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نہ وڌي سگهندو، پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي. سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. پندرهن سالن کان ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پهچايو ويو. جيڪڏهن عمران، نواز ۽ زرداري چئن صوبن لاءِ سوچين ها تہ اهڙي صورتحال نہ هجي ها. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان چونڊيل سمورين پارٽين جي ميمبرن عوام کي مايوس ڪيو آهي. وفاق پاڻي، گئس، بجلي، روزگار ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ سان انصاف ڪري. جمهوريت کي عورتن، هارين ۽ اقليتن جي حقن سان ڳنڍڻو پوندو. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
Hyderabad
0 تبصرے