English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جي ڪاھھ دھشتگردي قرار
views
|
06th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڌرڻي مان درجنين ماڻھو کنڀي گم ڪيا ويا، اھڙي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آَھي:پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پرامن احتجاجي ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن جي خوني حملي جي شديد مذمت ڪندي ان کي دھشتگردي قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ معصوم پريا ڪماري، ساگر ڪمار، نازيه کوسو سميت اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن خنجرن ۽ لٺين سان حملو ڪري شعيب ڊومڪي، الطاف شيخ، رحمت الله ڇڄڻ، عاقب محمداڻي، اويز بجاراڻي سميت. قومي عوامي تحريڪ جا 25 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ۽ درجنين کنبي گم ڪري ڇڏيا آھن، اھڙو عمل ڪنھن بہ ريت برداشت نٿو ڪري سگھجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس تشدد ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين کي ميسيج ڏنو آھي تہ اھا سندن سھولتڪار آھي. اھا ظلم ۽ دھشتگردي جي پاسي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مھانگائي جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي رستا محفوظ ناھن. معصوم ٻاع، نياڻيون ۽ نوجوان اغوا ڪري تشدد ۽ زيادتين بعد وڊيو رڪارڊ ڪري وحشت ۽ درندگي وارا وائرل ڪيا وڃن ٿا. شھر ۽ ڳوٺ منشيات جو ڳڙھ بنجي چڪا آھن. پوليس، قانون ۽ انصاف نالي ڪا شئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ ۾ ڌاڙيلن، سردارن، ڏوھارين کي مضبوط ڪيو، موجوده نگران حڪومت آصف زرداري جي مرضي جي حڪومت آھي، پ پ حڪومت جو تسلسل آھي، جنھنڪري سنڌ ڌڙيل گردي جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پرامن ڌرڻي تي دھشتگرد حملي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پارٽي ساٿين سان صلاح مصلحت ڪري لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Ayaz
latif
palijo
Hyderabad
kandhkot
0 تبصرے