English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ۾ ڊويزنل ڪمشنر ۽ چيئرمين ڊويزنل انفورسمينٽ ڪميٽي جي صدارت ھيٺ اجلاس
views
|
11th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري کي روڪڻ ۽ بقايا وصول ڪرڻ جي مهم کي جاري رکيو ويندو: فيصلو
ميرپورخاص(بيورورپوٽ ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن ۽ چيئرمين ڊويزنل انفورسمينٽ ڪميٽي فيصل احمد عقيلي جي صدارت ۾ بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ ڪمشنر ڪانفرنس هال ۾ بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ون ڊاڪٽر علي نواز ڀوت، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو سونو خان چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر راشد مسعود خان، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عبدالخالق، ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو سپرنٽينڊنٽ انجنيئر حيسڪو منظور علي مگسي، ايس ڊي او، ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري کي روڪڻ ۽ بقايا وصول ڪرڻ جي مهم کي جاري رکيو ويندو، اهڙي طرح سمورن ضلعن ۾ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽيون جوڙيون وينديون ته جيئن بجلي چوري کي روڪڻ ۽ وصولي لاءِ مهم هلائي بجلي جون بقايائون ۽ درپيش مسئلا حل ڪري سگهجن ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ عوام جي بهتر مفاد لاءِ آگاهي مهم هلائين ۽ هدايت ڪئي ته جيڪو به بجلي چوري ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ چيو ته روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ ڪمشنر آفيس ميرپورخاص ڏانهن موڪلي وڃي. ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر حيسڪو ميرپورخاص ريجن منظور علي مگسي ٻڌايو ته بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي جي سلسلي ۾ ڪيل آپريشن دوران ميرپورخاص ريجن ۾ ڪل 54 ايف آءِ آر درخواستون موڪليون ويون، جن مان 30 . ميرپورخاص ۾ 19 ڊگهڙي ۾ ۽ عمرڪوٽ ۾ 5 ڄڻن تي بجلي چوري جا ايف آئي آر شامل آهن جن مان 26 بجلي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، جنهن ۾ ميرپورخاص ۾ 10، ڊگهڙي ۾ 11 ۽ عمرڪوٽ ۾ 5 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون، جڏهن ته 28 ايف آءِ آرز تي ڪارروائي جو عمل پڻ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Mirpurkhas
0 تبصرے