English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ۾ ڊويزنل ڪمشنر ۽ چيئرمين ڊويزنل انفورسمينٽ ڪميٽي جي صدارت ھيٺ اجلاس
223 views
|
11th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري کي روڪڻ ۽ بقايا وصول ڪرڻ جي مهم کي جاري رکيو ويندو: فيصلو
ميرپورخاص(بيورورپوٽ ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن ۽ چيئرمين ڊويزنل انفورسمينٽ ڪميٽي فيصل احمد عقيلي جي صدارت ۾ بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ ڪمشنر ڪانفرنس هال ۾ بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ون ڊاڪٽر علي نواز ڀوت، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو سونو خان چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر راشد مسعود خان، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عبدالخالق، ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو سپرنٽينڊنٽ انجنيئر حيسڪو منظور علي مگسي، ايس ڊي او، ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حيسڪو اختيارين موجب بجلي چوري کي روڪڻ ۽ بقايا وصول ڪرڻ جي مهم کي جاري رکيو ويندو، اهڙي طرح سمورن ضلعن ۾ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽيون جوڙيون وينديون ته جيئن بجلي چوري کي روڪڻ ۽ وصولي لاءِ مهم هلائي بجلي جون بقايائون ۽ درپيش مسئلا حل ڪري سگهجن ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي لاءِ عوام جي بهتر مفاد لاءِ آگاهي مهم هلائين ۽ هدايت ڪئي ته جيڪو به بجلي چوري ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ چيو ته روزاني ۽ هفتيوار رپورٽ ڪمشنر آفيس ميرپورخاص ڏانهن موڪلي وڃي. ان موقعي تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر حيسڪو ميرپورخاص ريجن منظور علي مگسي ٻڌايو ته بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بقاياجات جي وصولي جي سلسلي ۾ ڪيل آپريشن دوران ميرپورخاص ريجن ۾ ڪل 54 ايف آءِ آر درخواستون موڪليون ويون، جن مان 30 . ميرپورخاص ۾ 19 ڊگهڙي ۾ ۽ عمرڪوٽ ۾ 5 ڄڻن تي بجلي چوري جا ايف آئي آر شامل آهن جن مان 26 بجلي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، جنهن ۾ ميرپورخاص ۾ 10، ڊگهڙي ۾ 11 ۽ عمرڪوٽ ۾ 5 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون، جڏهن ته 28 ايف آءِ آرز تي ڪارروائي جو عمل پڻ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Mirpurkhas
0 تبصرے