English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڳڻ ۽ ڀرپاسي چوپايو مال گھوگھي ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا
326 views
|
21st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مختلف ڳوٺن ۾ 300 کان وڌيڪ جانورن کي گھوگھي ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وئي
وڳڻ(رپورٽر) لائيو اسٽاڪ کاتي پاران وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چوپائي مال کي گھوگھي بيماري کان بچاءَ لاءِ ٽيمون موڪلي جانورن ۾ ٽڪا لڳايا ويا 300 کان وڌيڪ جانورن کي ويڪسين ڪئي وئي ان ڏس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حبيب الله انصاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ جي خاص ھدايتن تي وٽرنري اسپتال تعلقي نصيرآباد جي انچارجڊاڪٽر اعجاز جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ وڳڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ٿرڙي ھاشم جاڙا واھوچا چئوديرو دوست محمد لنجواڻي ڳوٺ ۾ پھچي 300 کان وڌيڪ جانورن کي گھوگھي ۽ مختلف بيمارين کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وئي ۽ مالوندن کي گھوگھي بيماري جي بچاءّ جا اپاءّ ٻڌايا ويا ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حبيب الله انصاري ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ نصيرآباد تعلقي جي انچارج ڊاڪٽر اعجاز علي جوڻيجي محمد روشن سوھُو محمد عثمان ۽ روشن علي ڪانڌڙو ٻڌايو ته موسمي ڦيرگير سبب چوپائي مال ۾ گھوگھي جي بيماري فھلجڻ جو انديشو آھي ۽ اھڙا ڪجھ ڪيس رپورٽ پڻ ٿيا آھن جنھن ۾ جانورن کي گھوگھي بيماري جي تصديق ٿي آھي ان بيماري تي ضابطي لاءّ لائيو اسٽاڪ کاتي قمبر فورن نوٽيس ورتو آھي ۽ نشاندھي ڪيل علائقن ۾ وٽرنري ٽيمون موڪلي ڇڏيون آھن ان سلسلي ۾ وڳڻ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ 300 بيمار ڍورن ۾ بيمارين جون علامتون ظاھر ٿيڻ تي بچاءّ جا ٽڪا لڳايا ويا آھن ۽ ڀاڳين کي بيمارين بچاءّ جون تدبيرون پڻ ٻڌايون ويون آھن جنھن ۾ بيمار ڍورن ۾ وچڙندڙ بيمارين جي صورت ۾ بيمار ڍور کي الڳ ڪيو وڃي جيئن ٻيا جانور گھوگھي سميت ٻئي بيمارين جو شڪار نه ٿين علائقي جي ڀاڳين کي هدايت پڻ ڪئي آھي ته جانور بيمار هجڻ جي صورت ۾ کين فوري طور ڄاڻ ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
wagan
وڳڻ
لائيو اسٽاڪ کاتي
0 تبصرے