English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ماڙي جلباڻي ڪيس داخل: اھلڪارن گاڏين مان لھندي ئي سڌي فائرنگ ڪري ڏني: فريادي
views
|
29th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سڪرنڊ: ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن ھٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪيس داخل
سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۽ گهر گهر تلاشي دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءَ راهب جلباڻي جي مدعيت ۾ گناهه نمبر 39/2023 تحت قلم 324,302 تحت داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته وقت اٽڪل پوڻا 3 بجي ڌاري گهرن ۾ ويٺا هئاسون
ڏٺوسون ته گهر جي دروازي جي سامهون پنج پوليس موبائلون ، هڪ اڇي ۽ هڪ ڪاري ڪلر جي ويگو ۽ ٽي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون گاڏيون بيٺيون هيون جنهن مان 40/45 مختلف سرڪاري ورديون پهريل ڏهه سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو لٿا
جن لهڻ سان چيو ته توهان دهشتگرد آهيو اڄ توهان نه ڇڏينداسون ماري خون ڪنداسون
ايئن چئي سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري جنهن فائرنگ ۾ منهنجو ڀاءَ سجاول جلباڻي ۽ عزيز نظام الدين جلباڻي ٿڏي فوت ٿي ويا ۽ هر هڪ امام بخش جلباڻي ۽ ممتاز جلباڻي ، امام الدين جلباڻي ۽ الهداد جلباڻي، سارنگ جلباڻي ، علي نواز جلباڻي ۽ لياقت جلباڻي زخمي ٿي پيا جنهن بعد زخمين کي کڻائڻ لاءِ شديد فائرنگ سبب ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا.
پوءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آياسون پئي ته رستي ۾ امام بخش ۽ ميهار پڻ فوت ٿي ويا پوءِ اسان چئني فوتين جا لاش نيشنل هائي تي رکي احتجاج ڪيوسون پوءِ چئني لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائي فارغ ٿي حاضر اچي فرياد ٿو ڪريان ته جانچ ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ماڙي جلباڻي
سڪرنڊ
رينجرز
sakrand
Murder killing
0 تبصرے