English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي طرفان اسلام ڪوٽ ۾ اکين جي مفت ڪيمپ قائم
285 views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ جي پھرين ڏينھن 400 کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس ڪري نظر جا چشما ۽ دوائون ڏنيون ويون
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي جي طرفان اسلام ڪوٽ ۾ اکين جي مفت چڪاس ۽ مفت آپريشن لاءِ ٽن ڏهاڙن واري طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي،
ڪيمپ جي پھرين ڏينھن 400 کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس ڪري نظر جا چشما ۽ دوائون ڏنيون ويون.
ٿر فائونڊيشن ۽ البصير ڪراچي جي طرفان اکين جي مفت طبي ڪئمپ جي افتتاحي تقريب ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ ٿي گذري،
جنھن جو افتتاح ٿر فائونڊيشن جي جنرل مينيجر فرحان انصاري، اسلام ڪوٽ ٽائون جَي چيئرمين ڪمليش ڪمار، سماجي اڳواڻ سبحان سميجَي، گھنشام پارواڻي، فقير منور ساگر ايڊووڪيٽ، ڪلديپ پاروواڻي، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي ، عبدالغني بجير ۽ ٻين ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي جنرل منيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري چيو ته ٿر فائونڊيشن طرفان اڳ به علائقي ۾ صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ۽ انهي سلسلي ۾ اکين جي مفت چڪاس ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي
جتي ضرورتمندن جا مفت آپريشن پڻ ڪيا ويندا. اسلام ڪوٽ ٽائون جي چيئرمين ڪمليش ڪمار چيو ته ٿر فائونڊيشن جس لهڻي جنهن علائقي جي غريب عوام لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي،
الخدمت فائونڊيشن جي سبحان سَميجَي چيو ته انسان کي رب پاڪ طرفان مليل نعمتن مان وڏي نعمت اکين جي نظر آهي، جيڪڏهن انهي جو علاج ٿئي ٿو ته ان کان وڏي ڪا به خدمت ناهي،
ٿر فائونڊيشن طرفان ڪئمپ لڳائڻ ساراھ جوڳو قدم آهي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي چيو ته ٿر فائونڊيشن جو هي قدم عوامي ڀلائي لاءِ آهي جنهن تي سموري ٽيم جس لهڻي.
فقير منور ساگر ايڊووڪيٽ پڻ ٿر فائونڊيشن طرفان اکين جي ڪيمپ قائم ڪرڻ واري عمل کي ساراھيو.
تقريب کي ٿر فائونڊيشن جي ڊپٽي مينيجر مُبشر سومرَي، هيلٿ آفيسر فياض شيخ، عبدالستار لنجَي۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪئمپ جي پهرين ڏهاڙي تي ٽوٽل 400 مريضن جي مفت چڪاس ڪئي وئي، جنھن مان 30 سيڪڙو مريضن کي نظر جا چشما ۽ 70 سيڪڙو مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون،
ان کان علاوه ڊاڪٽرن موجب 41 مريضن جو آپريشن ڪيو ويندو، مفت طبي ڪيمپ ٽن ڏھاڙن تائين تائين جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿر فائونڊيشن
البصير ڪراچي
اسلام ڪوٽ
مفت
ڪيمپ
thar
foundation
Albaseer
karachi
0 تبصرے