English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
12th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر روزاني جي بنياد تي بازارن جو دورو ڪري شين جا اگھھ معلوم ڪن: ڊي سي
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ روزاني استعمال جي شين جي قيمتن جي مقرري، ناجائز منافعي ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي بازارن جو دورو ڪن ۽ جيڪي به دڪاندار وڌيڪ اگهه تي سامان وڪرو ڪري ٿو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان موقعي تي ڏنڊ به لڳايو وڃي ھن چيو ته سمورا دڪاندار پنهنجي دڪانن تي مقرر اگهن جي لسٽ نمايان جڳهه تي لڳائين. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۾ نيلامي جي عمل کي به روزاني جي بنياد تي مانيٽر ڪري.ھن پرائس ڪنٽرول عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي مارڪيٽن جو دورو ڪن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.اجلاس ۾ ھيٺين ريت اگھ مقرر ڪيا ويا. دال مسور 270، دال چنا 185، دال مونگ 255، دال مٽر 260، دال ماش 475، ڇولا اڇا سنڌي 280، بيسن 200، چانور (ڇھاسي) 190، چانور ڪائنات 320، چانور سپر سيلا 290، چانور جوهي 300، چانور ايري 125، ميدو 145، سوجي 150، ڳاڙھا مرچ 560، ڌاڻا پيٺل 520، ھيڊ 550، اڇو جيرو 50 گرام 120، ڪارو جيرو 110 روپيا ، کير 180 روپيا، دھي 220، گوشت (وڏو) 750،گوشت (ٻاڪرو) 1400، مڇي (ننڍي) 450،مڇي (ڪلو کان وڏي) 500، مڇي (ٻہ ڪلو کان وڌيڪ) 550 في ڪلو، گڙ 170، برف 6 في ڪلومقرر ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
ڊپٽي ڪمشنر
0 تبصرے