English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سان ملاقاتون
298 views
|
07th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اليگل اميگرينٽس جي نشاندهي بابت ڊي سي حيدرآباد جي چوڻ باوجود نادرا عملو تعاون نٿو ڪري: ايس ايس پي امجد شيخ
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي قومي عوامي تحريڪ جو وفد ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سان ملاقات ڪري کين غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون، نذير احمد بليدي، غلام نبي سومرو ۽ معشوق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وفد شھباز بلڊنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ۽ ايس ايس پي امجد شيخ سان ڌار ڌار ملاقات ڪري غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي. ملاقات ۾ ڊي سي حيدرآباد قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ٻڌايو تہ اڃا تائين حيدرآباد ۾ ھڪ به غير قانوني افغاني گرفتار ناھي ٿيو. اليگل اميگرينٽس بابت ميپنگ ڪئي وئي آھي. 2 ھفتن اندر آپريشن ڪيو ويندو. ايس ايس پي امجد شيخ چيو تہ اليگل اميگرينٽس جي نشاندهي بابت ڊي سي حيدرآباد جي چوڻ باوجود نادرا تعاون ڪرڻ لاء تيار ناھي. آئي جي سنڌ جو حڪم آھي تہ شناختي ڪارڊ رکندڙ کي گرفتار ناھي ڪرڻو. غير قانوني افغانين کي واپس ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيا آھن. وفد ۾ شامل اڳواڻن الطاف خاصخيلي ۽ خادم سمون چيو تہ غير قانوني افغاني حيدرآباد ۾ گنجو ٽڪر، لطيف آباد 10، 11 نمبر، ھالا ناڪہ، بدين بس اسٽاپ، نئين پل، ھٽڙي سميت مختلف علائقن ۾ ڪالونيون ٺاھي ويٺل آھن، لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ۽ نادرا رشوت وٺي ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏئي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
ڊپٽي ڪمشنر
ايس ايس پي حيدرآباد
ايس ايس پي امجد شيخ
0 تبصرے