English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سان ملاقاتون
views
|
07th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اليگل اميگرينٽس جي نشاندهي بابت ڊي سي حيدرآباد جي چوڻ باوجود نادرا عملو تعاون نٿو ڪري: ايس ايس پي امجد شيخ
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي قومي عوامي تحريڪ جو وفد ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سان ملاقات ڪري کين غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون، نذير احمد بليدي، غلام نبي سومرو ۽ معشوق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وفد شھباز بلڊنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ۽ ايس ايس پي امجد شيخ سان ڌار ڌار ملاقات ڪري غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي. ملاقات ۾ ڊي سي حيدرآباد قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ٻڌايو تہ اڃا تائين حيدرآباد ۾ ھڪ به غير قانوني افغاني گرفتار ناھي ٿيو. اليگل اميگرينٽس بابت ميپنگ ڪئي وئي آھي. 2 ھفتن اندر آپريشن ڪيو ويندو. ايس ايس پي امجد شيخ چيو تہ اليگل اميگرينٽس جي نشاندهي بابت ڊي سي حيدرآباد جي چوڻ باوجود نادرا تعاون ڪرڻ لاء تيار ناھي. آئي جي سنڌ جو حڪم آھي تہ شناختي ڪارڊ رکندڙ کي گرفتار ناھي ڪرڻو. غير قانوني افغانين کي واپس ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيا آھن. وفد ۾ شامل اڳواڻن الطاف خاصخيلي ۽ خادم سمون چيو تہ غير قانوني افغاني حيدرآباد ۾ گنجو ٽڪر، لطيف آباد 10، 11 نمبر، ھالا ناڪہ، بدين بس اسٽاپ، نئين پل، ھٽڙي سميت مختلف علائقن ۾ ڪالونيون ٺاھي ويٺل آھن، لوڪل گورنمينٽ جا ادارا ۽ نادرا رشوت وٺي ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏئي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
ڊپٽي ڪمشنر
ايس ايس پي حيدرآباد
ايس ايس پي امجد شيخ
0 تبصرے