English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ۾ موبائيل مارڪيٽ مان ڌاڙي خلاف دڪاندارن پاران شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو
views
|
14th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڏهرڪي ۾ موبائيل مارڪيٽ مان ڌاڙي خلاف دڪاندارن پاران شٽربند ھڙتال ۽ ڌرڻو
ڏھرڪي (رپورٽر)ڏهرڪي ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران موبائل مارڪيٽ مان دوڪاندار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کيس لکين روپين جا قيمتي موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي ۽ پوليس پاران ڦر ڪندڙ جوبدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف موبائل مارڪيٽ جي درجيني دوڪاندارن احتجاج طور پنهنجا دوڪان بند ڪري ڇڏيا مڇريل دوڪاندارن موبائل مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڏهرڪي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي خبر موجب ڏھرڪي ۾ گذريل ڏينهن ٽن نامعلوم هٿياربندن پاران موبائل مارڪيٽ مان دوڪاندار عابد ملڪ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس دوڪان ۾ پيل لکين روپين جا قيمتي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي ۽ پوليس پاران ڦر ڪندڙ جوبدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف موبائل مارڪيٽ جي درجيني دوڪاندارن احتجاج طور پنهنجا دوڪان بند ڪري موبائل مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڏهرڪي ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثره دڪاندار عابد ملڪ، محمد ايوب، منير احمد ۽ ٻين چيو ته ڏهرڪي پوليس شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي جنهن بعد ڏوهاري سرعام پنهنجي ڏوه جون وارڌاتون ڪري رهيا آهن جنهن بعد گذريل شام ڌاري ٽن نامعلوم هٿياربندن بنا ڪنهن خوف جي سرعام وچ شهر مان دوڪاندار عابد ملڪ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کيس دوڪان ۾ پيل لکين روپين جا قيمتي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا آهن جنهن بعد ڦر واقعي ڏھرڪي پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج ملڻ باوجود پوليس ڦورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي جيڪا پوليس جي نااهلي آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي شهرين کي تحفظ ۽ متاثره دوڪاندار کي انصاف فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏھرڪي
موبائيل مارڪيٽ
0 تبصرے