برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!

الماس خواجا

برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!

برساتي پاڻي هڪ قيمتي قدرتي وسيلو آهي، جيڪو نه صرف زراعت جي لاءِ ضروري آهي، پر انساني زندگي، آبي جيوت، ۽ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ به انتهائي اهميت رکي ٿو. بدقسمتي سان شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن ۾ برسات دوران وهندڙ پاڻي کي محفوظ ڪرڻ بجاءِ ان کي نيڪالن جي ذريعي ضايع ڪيو وڃي ٿو. ان عمل جي نتيجي ۾ هڪ طرف پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ٻي طرف زمين جو اندروني پاڻي سطح هيٺ لهڻ لڳي ٿو، جيڪو هڪ وڏي ماحولياتي تباھي جو سبب بڻجي ٿو. ان مسئلي جو حل اهو آهي ته برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ ان کي زمين جي اندر موڪلي محفوظ ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ ڪيترائي سائنسي، ٽيڪنيڪل ۽ روايتي طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا.
پهريون قدم اهو آهي ته شهري منصوبه بندي ۾ واٽر ريچارج سسٽم کي لازمي حصو بڻايو وڃي. هر نئين تعمير ۾ رين واٽر هارويسٽنگ سسٽم يعني برساتي پاڻي محفوظ ڪرڻ جو نظام لازمي هجڻ گهرجي. هي نظام گهڻو ڪري ڇتين تان وهندڙ برساتي پاڻي کي نالن ذريعي مخصوص فلٽريشن يونٽ ۾ آڻي زمين ۾ داخل ڪري ٿو، جتي هو صاف ٿي اندروني پاڻي جي سطح ۾ اضافو ڪري ٿو. اهڙن نظامن ۾ ريت، ڪوئلو ۽ ڪنڪريٽ جا فلٽر استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي پاڻي مان گند ڪڍي ان کي صاف بڻائن ٿا. ان سان گڏوگڏ اهو يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته اهي يونٽ باقاعدگي سان صاف ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي ڪارڪردگي قائم رهي.
ٻيو طريقو آهي روف ٽاپ واٽر هارويسٽنگ جنهن ۾ هر گهر جي ڇت تي خاص نالين ذريعي پاڻي گڏ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي يا ته فلٽر ڪري زمين ۾ موڪليو وڃي ٿو يا ٽئنڪن ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. ان طريقي سان نه رڳو پاڻي محفوظ ٿئي ٿو پر گهر جي روزمرهه ضرورتن لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو. اهو خاص طور تي انهن علائقن ۾ انتهائي ڪارآمد آهي جتي پاڻي جي فراهمي محدود آهي. جيڪڏهن هڪ گهر برساتي موسم ۾ 1000 لٽر پاڻي گڏ ڪري ٿو ته ان سان ڪيترن ڏينهن تائين بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.
ٽيون طريقو آهي اوپن گرائونڊز ۽ پارڪن ۾ واٽر ريچارج ويل ٺاهڻ. انهن ويلز جو ڪم آهي ته برساتي پاڻي کي سڌو زمين جي اندر وٺي وڃن. اهڙن ويلز جي تعمير لاءِ زمين ۾ 10 کان 20 فٽ کوهه کوٽي ان ۾ فلٽرنگ مواد وجهي، پاڻي کي سڌو زمين جي اندر موڪليو وڃي ٿو. اهي ويلز شهري علائقن جي پارڪن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي پڻ ٺاهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن هر پاڙي ۾ هڪ واٽر ريچارج ويل ٺاهيو وڃي ته ان سان مجموعي سطح تي پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
ٻين حلن ۾ شامل آهن ننڍڙا ڊيم ۽ تالن جي تعمير. ڳوٺاڻن علائقن ۾ برسات جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ننڍن تالن ۽ ڊيمز جي تعمير انتهائي فائديمند آهي. اهي نه رڳو پاڻي کي محفوظ ڪن ٿا، پر زمين جي سرويليت، زرعي پيداوار، ۽ ماحولياتي ساهت کي به ترقي ڏين ٿا. انهن مان ڪجهه تلاءُ ايترا مؤثر ثابت ٿين ٿا جو پورو ڳوٺ انهن مان پاڻي حاصل ڪري سگهي ٿو.
زراعت جي ميدان ۾ به برساتي پاڻي کي محفوظ ڪري استعمال ڪرڻ لاءِ خاص تدبيرون اختيار ڪري سگهجن ٿيون. جيئن ته ڪنٽرور بنڊنگ، ليولنگ، ۽ ٽرينچز ذريعي پاڻي کي زمين تي سهي نموني ورهائي زمين جي اندر جذب ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪيو وڃي. ان سان ناصرف فصلن کي فائدور پاڻي ملي ٿو پر زمين جي نمي به برقرار رهي ٿي. ان عمل سان پاڻي جو ضايع ٿيڻ گهٽ ٿئي ٿو ۽ پيداوار وڌي وڃي ٿي.
عام ماڻهن ۾ پڻ آگاهي پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اسڪولن، ڪاليجن، ۽ سماجي ادارن جي ذريعي ماڻهن کي تعليم ڏني وڃي ته پاڻي جي اهميت ڇا آهي ۽ برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن هر شهري اهو ذمو قبول ڪري ته هو پنهنجي گهر ۾ رين واٽر هارويسٽنگ سسٽم لڳائيندو ته پوءِ سموري شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو گهڻو حد تائين ختم ٿي سگهي ٿو.
اهو به لازمي آهي ته حڪومت هن حوالي سان سخت پاليسيون اختيار ڪري. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيز لاءِ گهرج هئڻ گهرجي ته هو نون نقشا پاس ڪرڻ وقت رين واٽر هارويسٽنگ جو سيٽ اپ لازمي قرار ڏين. ان سان گڏوگڏ مڪاني ادارن کي به حڪم ڏنو وڃي ته هو پنهنجي سطح تي واٽر ريچارج ويلز، پارڪ فلٽرنگ سسٽم، ۽ روڊن جي ڪنارن تي واٽر چينلز جو بندوبست ڪن ته جيئن برساتي پاڻي هر ممڪن طريقي سان زمين اندر موڪلي محفوظ ڪيو وڃي.
آخري ڳالهه اها آهي ته برساتي پاڻي ضايع ڪرڻ بدران ان کي محفوظ ڪرڻ اسان جي قومي، اجتماعي ۽ انفرادي ذميواري آهي. هر انسان کي ان ڳالهه جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته پاڻي جي هر قطري جي اهميت آهي. قدرت اسان کي جيڪي وسيلن سان نوازيو آهي، انهن جو تحفظ اسان جو اخلاقي ۽ انساني فرض آهي. جيڪڏهن اسان اڄ سجاڳي سان برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچايون، ته سڀاڻي نسلن لاءِ هڪ صاف، محفوظ ۽ آبي لحاظ کان مستحڪم پاڪستان ڇڏي سگهون ٿا.