English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۽ ڀرپاسي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب، بليڪ تي وڪرو ٿيڻ سبب آبادگار پريشان
views
|
23rd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۽ ڀرپاسي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب، بليڪ تي وڪرو ٿيڻ سبب آبادگار پريشان
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي م زراعت کاتي جي نااهلي سبب ڀاڻ بليڪ تي وڪرو،آبادگارن پريشاني م ورتل شھر م دڪاندار دڪانن تي ڊي آئي پي سونا يوريا ڊي آئي پي آينگرو ڪمپني آگھ 9000جي بجا۽ 14000 م وڪرو ڪرڻ لڳا اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو مختيارڪار ٺٽو ڪاروائي ڪرڻ بجا۽ پنھنجي آفيس تائين محدود آبادگار جا ٻئي هٿ مٿي تي، ڪڻڪ جو ٻج مھانگو ملي پيو ڀاڻ جي قيمت م به واڌ ڪئي وئي آهي واپارين سستي آگھ تي ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪري گدام ڀري ڇڏيا آهن ھتان جي زميندارن آبادگارن نگران وڏو وزير ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته مھانگو ٻج ۽ ڀاڻ جي وڪري جو نوٽيس وٺي آبادگار کي سھولتون ڏين مڪلي م زراعت کاتي جي نااهلي سبب پيڊي مالڪن ۽ زرعي دوڪاندارن زرعي ڀاڻن جي ذخيره اندوزي ڪري ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري ابادگار ۽ هارين کي ٻني هٿن سان ڦرڻ لڳا مارڪيٽ م بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ٿي رهيو آهي ڪير پڇڻ لا۽ تيار ناهي ڀاڻ مھانگو ٿيڻ سبب ابادگار جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آبادگارن چيو آھي ته شھر م زرعي دوڪانن تي ڊي اي پي سونا ۽ ڊي اي پي اينگرو ڪمپني اگھ 9000 جي بجا۽ 14000 م وڪرو ڪري رهيا آهن نائٽروفاس 2323 ڪارو ڀاڻ 5000 جي بجا۽ 7200 م وڪرو ٿي رهيو آهي سونا يوريا ۽ اينگرو يوريا ڪمپني آگھ 3350 جي بجا۽ 5000 تي وڪرو ٿي رهيو آهي امونيم نائٽريٽ 2450 جي بجا۽ 4800 م وڪرو ٿي رهيو آهي ڀاڻ سيٺيون بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن ٺٽي جا واپاري انتظاميا کان طاقتور نڪتا ابادگارن جي شڪايتن تي ڪوبه ازالو ناهي ٿيو اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ۽ مختيارڪار ڪاروائي ڪرڻ بجا۽ پنهنجي آفيس تائين محدود رهيا زرعي دوڪاندار ۽ ڊيلر پنهنجي مرضي جا آگھ مقرر ڪري آبادگار کي پريشان ڪري رهيا آهن زرعي ڀاڻن جي مختلف ڪمپنين ڊيلرن ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڀاڻن کي گودامن م لڪائي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن آبادگار واپارين کي منٿون ڪري ڀاڻ خريدڻ تي مجبور آهن ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو هڪ ته اسان کي ڪڻڪ جو ٻج مھانگو مليو في ڪٽو 50ڪلي جو 9500م خريد ڪيو جڏهن ته هاڻي وري ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ سيٺين توڙي زرعي دوڪاندارن سستا ڀاڻ جا ٽرالر گدامن م لھرائي گدام ڀري ڇڏيا آهن گدامن م ڀاڻ لڪائي آبادگارن کي ڀاڻ جي کوٽ جو بھانو بنائي بليڪ ڀاڻ وڪرو ڪري آبادگارن کي ويتر وڏن مشڪلاتن م وجھي ڇڏيو آهن اسان آبادگارن في ايڪڙ تي خرچ 150000کان مٿي اچي ٿو ڪڻڪ جو آگھ ڀاڻ جي حساب سان ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽي م زراعت کاتي جي نااهلي
ڀاڻ بليڪ تي وڪرو
0 تبصرے