English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ضلعا نوشھروفيروز جو ڪنوينشن منعقد، عھيدارن جي چونڊ
views
|
26th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ضلعا نوشھروفيروز جو ڪنوينشن منعقد، عھيدارن جي چونڊ
نوشهرو فيروز (ڊر)مورو ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل ضلعا نوشھروفيروز جو ڪنوينشن مھراڻ سٽيزنس ڪلب ۾ ٿي گذريو جنهن جي صدارت سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل جي مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار ڪئي ڪنوينشن ۾ پنجن ئي تعلقن جي عھديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل ضلعي نوشھروفيروز جي عھديدارن جي چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي صدر عزيز احمد ڪورائي سينيئر نائب صدر محمد منور شهزاد 1, سينيئر نائب صدر 2 محمد حنيف خاصخيلي نائب صدر 1 مظهر ڪلهوڙو , نائب صدر 2 رياض حسين عالماڻي , جنرل سيڪريٽري ظفر اعواڻ, ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نعمان احمد آرائين , خزانجي عطاحسين سمون , پريس سيڪريٽري فرحان علي خان لاشاري آفيس سيڪريٽري عبدالرشيد لاشاري ڪاميابي ماڻي جڏھن تي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو چيئرمين سومر سولنگي , ميمبرن ۾ نصير ڪلهوڙو , منظور خاصخيلي , دلمراد خاصخيلي , ذوالفقار عمراڻي , سليم سومرو , امجد خاصخيلي چونڊيا ويا چونڊيل عھديدارن کي سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل جي مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار حلف کڻايو ۽ انهن کي اجرڪ پارايا ان موقعي تي خطاب ڪندي قاضي ذوالفقار چيو ته ضلعي نوشھروفيروز جي نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مونکي يقين آھي ته ھن تنظيم جي مظبوط ۽ بھتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ ضلعي جي صحافين جي مسئلن جي حل لاء ڪوششون وٺندا ھن چيو ته سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل سنڌ جي صحافين جي حقيقي نمائندا تنظيم جيڪا صحافين جي ڀرپور طريقي سان جائز مسئلن جي حل لاء جدوجهد ڪندي اچي پئي سنڌ جي ڪنهن به صحافي سان مسئلا ٿيا آھن انھن جي ھر طرح جي مدد ڪئي وئي آھي ڪراچي ۾ صحافين جي حقن جي حاصلات لاء تاريخي ڌرڻا ۽ احتجاج ڪياآھن ۽ سنڌ جي ڪنهن به شھر يا ڳوٺ ۾ صحافين تي ڪوڙا ڪيس گرفتارين توڙي قتل ٿي ويل صحافين جي لاء ھميشا آواز بلند ڪيو آھي ۽ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو آھي ھي تنظيم صاف شفاف آھي جنهن ۾ صرف صاف شفاف ۽ حقيقي صحافي ئي ميمبر ٿي سگھن ٿا ڪنهن به غلط سرگرمي ۽ ناجائزين ۾ ملوث ھوندا انھن لاء ھن تنظيم ۾ ڪابه جڳھ ناھي سنڌ جي بيمار صحافين جي علاج ڪرائڻ ۽ انهن جي مالي مدد پڻ ھن پليٽ فارم تان ڪئي وئي آھي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ جيڪي به بيمار صحافي آھن انهن کي انفارميشن کاتي مان مالي مدد ڪرائڻ ۾ ڪوشش ڪئي ويندي ان موقعي تي تعلقا صدر مورو محمد اسحاق ڪورائي آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ چيو ته اسان مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار سميت ضلعي جي پنجن ئي تعلقن مان ايندڙ صحافين کي ڀليڪار چئون ٿا ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جي نئين چونڊيل صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صحافين لاء اسان پنهنجي جدوجھد جاري رکنداسين ۽ مونکي جيڪا اڄ ذميواري ملي آھي انشاءاللھ اسان بھتر طريقي سان سرانجام ڏئي دوستن جي ڏنل مان تي پورو لھڻ پوري ڪوشش ڪنداسين اسان ضلعي سميت سنڌ جي ڪنهن به شھر واھڻ وستي ۾ صحافين سان ٿيندڙ ناجزين تي ڀرپور آواز اٿاري انھن سان ڪلھو ڪلھي ملائي صحافين سان ٿيندڙ ظلم خلاف ھڪ آواز ٿي بيھنداسين ان کان علاوا ظفر اعواڻ محبوب ڪلھوڙو اختر لغاري جاني مورائي طالب حسين کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ھن تقريب ۾ خدا بخش ميمڻ دين محمد ڪلھوڙو سومر خان سولنگي بشير لغاري آفتاب سومرو منظور لغاري جاني مورائي ڪاشف لغاري نظر محمد بھڻ نواب چانڊيو صادق علي زرداري شاھنواز ڀٽي انيس ڪلھوڙو عارف ڪورائي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ان کان اڳ مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار ڪنوينشن ۾ پھتو ته سندن شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي تعلقا صدر محمد اسحاق ڪورائي ۽ جنرل سيڪريٽري تعلقا مورو طالب حسين کوسو طرفان مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا ھار پارايا ويا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
سنڌ جرنلسٽس ڪاونسل
صدر قاضي ذوالفقار ڪئي ڪنوينش
0 تبصرے