English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
05th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي: اياز لطيف پليجو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ جون ايليا ڪانفرنس ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي. تون کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي تون سنڌ جي ڪچي ۽ ڪچي جو نولکو ھار آھين. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هاڻي ذاتي مفادپرستن جي لالچ ۾ نہ ايندا، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.اهو ئي ترقي جو رستو آهي. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ جون ايليا اردو جو بي مثال روايت شڪن ۽ باغي شاعر هو، جون ايليا جي طرز ۽ روايت شڪني جي تقليد کي ڪو بہ شاعر نہ ڪري سگهيو. جون ايليا نوجوانن لاءِ ذهن ساز ۽ رجحان ساز شاعر آهي. ادب ۽ شاعري کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن، اردو ۽ سنڌي شاعري امن، مساوات ۽ محبت جي شاعري آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. اسان کي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن سنڌ عظيم تھذيب جي سرزمين آھي، سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ جي وسيلن کي لٽي عظيم تھذيب جي سرزمين جي مالڪن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن کي شفافيت لاءِ روڊ ميپ ڏيڻو پوندو استحصال، غربت ۽ تعصب جي ڪري سماجي ۽ خانداني قدر تباھ ٿي ويا آهن وچولو طبقي ۽ نوجوانن کي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي مسئلن جو حل هڪ سچي، منصفاڻي ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي حڪمرانن جي ايجنڊا مان عورتون، هاري، اقليتون ۽ مزدور غائب آهن، اهي حڪومتون جيڪي عوام کان پئسا کسي وٺنديون، اهي ڪهڙي حڪومت ڪنديون؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ دشمن قوتون ملڪ ۾ عدم استحڪام جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي. سنڌ ۽ ملڪ مان سمورن غير قانوني پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
john
john elia
ayaz latif palijo
ڪراچي
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي
0 تبصرے