English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن بابت آگاھي ريلي ڪڍي وئي
views
|
12th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن بابت آگاھي ريلي ڪڍي وئي
سجاول (گلشيرميربحر)ڪرپشن هڪ ناسور آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو,مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪرپشن آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اھم ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر سجاول ,ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آھي ته ڪرپشن هڪ ناسور آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگهي. اھڙين ڳالھين جو اظھار ھنن ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ضلعي انتظاميه سجاول پاران عوام ۾ ڪرپشن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان نڪتل هڪ شاندار ريلي جي قيادت بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو. هنن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز به ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۾ آهي، ڪرپشن هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ آهي، ڪرپشن اسان جي ادارن ۽ مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اھم ضرورت آهي. ھنن چيو تہ هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بدعنواني ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي. ريلي ۾ ايس ايس پي شھلا قريشي ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اڪرام علي مغيري سميت روينيو، تعليم، صحت، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن ۽ عملي، مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
corruption day
anti-corruption
0 تبصرے