English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ برقرار، آبادگار پريشان
40 views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ برقرار، آبادگار پريشان
ٺٽو( ڊر) ٺٽي سميت لاڙ جي سمورن ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪري ورتي بليڪ تي يوريا ڀاڻ جي وڪري سبب آبادگار سخت پريشان ٿيڻ لڳا، انتظاميہ ڪوبہ نوٽيس نہ ورتو، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان وارن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي پوکي ٿيندي ئي مارڪيٽ مان يوريا ڀاڻ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري آبادگارن کي نقصان طرف ڌڪڻ شروع ڪري ڇڏيو، يوريا ڀاڻ جي سرڪاري ريٽ 35 سئو روپيه هجڻ باوجود واپاري بليڪ ڪري 6 هزار روپيه في ٻوري وڪرو ڪرڻ لڳا، ڊي اي پي ڀاڻ پڻ 3 کان 5 هزار روپيه في ٻوري وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳي، ان سلسلي ۾ مقامي ابادگارن ۽ زميندارن دانھيندي چيو اھي تہ ايف ايف سي توڙي سرسبز ۽ ٻين فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران تيار ٿيندڙ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ بليڪ ڪري مخصوص گدامن کان 50 سيڪڙو مهانگي اگھ تي وڪرو ٿيڻ ڪري آبادگارن کي ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آھن، جنھن جو ازالو ٿي ناھي سگھيو، ھنن چيو تہ ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ ڪڻڪ ڪمند ٽماٽي سميت سمورا فصل سخت متاثر ٿيڻ لڳا آھن، ھٿ وٺي ڊيلرن ۽ ڀاڻ جي واپارين پاران ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو جاري ڪري ڀاڻ بليڪ ڪري وياج جي ڪاروبار کي هٿي ڏياري پئي وڃي، جنھن جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي، ٻئي طرف ڀاڻ جي واپاري سريش ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ ڀاڻ جو بحران فرٽيلائيزر ڪمپنين مان گئس جي گهٽ فراهمي سبب گهٽ مقدار ۾ تياري ٿيڻ آھي ۽ وڏا ڊيلر پڻ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جا ذميوار آھن، اسان مهانگي اگھ تي ڀاڻ خريد ڪرڻ سبب مهانگي ريٽ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھيون، حڪومتي رِٽ نه رهي آھي، اسانکي سستي اگھ تي ڀاڻ مليو تہ ضرور سستي اگھ تي بہ وڪرو ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي سميت لاڙ جي
ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان وار
يوريا ڀاڻ
0 تبصرے