English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي پي ايس 60 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو
281 views
|
21st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي پي ايس 60 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي صوبائي تڪ پي ايس 60 جي ريٽرننگ آفيسر وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. اسڪروٽني 25 ڊسمبر تي ٿيندي. فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ 2013 ۽ 2018 ۾ بدترين ڌانڌليون ڪري پيپلز پارٽي کي اقتدار پليٽ ۾ رکي ڏنو ويو. شفاف چونڊون نہ ٿيڻ ڪري ھر ڀيري عوام دشمن ماڻھو اقتدار تي مسلط ٿي سنڌ ۽ ملڪ جا وسيلا لٽيندا رھيا آھن. ھن ڀيري شفاف چونڊون ٿيون تہ عوام ڪرپٽ زرداري ليگ کي رد ڪري ڇڏيندو. ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ٺاھيندي. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪنداسين ۽ مسئلا حل ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت، تعليم ۽ صحت کي بحرانن مان ڪڍنداسين. سنڌ کي ميرٽ ذريعي تبديل ڪنداسين. خوشحالي ۽ ترقي جي دور جي شروعات ڪنداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڪري آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو پيو وڃي۔مارڪيٽ ۾ موجود ھجڻ باوجود ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آھن۔ سنڌ حڪومت بليڪ تي ڀاڻ ڏيندڙن جي سرپرستي ڪري رھي آھي۔ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي۔ پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل تباھ ٿي ويا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي تي حڪومتي ماڻھن، وڏيرن سردارن جو قبضو آھي. اھي مخالفن، ننڍن آبادگارن ۽ پڇڙي تائين پاڻي پھچڻ نٿا ڏين، جنھن ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي گذريل سالن جون رھيل بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ سارين، ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو ويو، اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palejo ppp n leag
0 تبصرے