English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو
25 views
|
04th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ خلاف جسقم پاران ڌرڻو ھنيو ويو. ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي گيٽ آڏو لڳل ڌرڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، اياز راڄپر، فريد لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پئدا ڪري زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ آبادگارن کي معاشي طور ڪچليو پيو وڃي. ھنن چيو ته ضلع انتظاميه ڀاڻ ڊيلرن سان ملوث آھي. جنھن ڪري انھن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته ضلع نوشهروفيروز ۾ 9 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکي ٿي آھي جنھن لاءِ 6 لک ٻورين کان وڌيڪ ڀاڻ گھربل آھي پر ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پئدا ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي پريشان ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته گذريل سال وڏي برسات زراعت کي تباھ ڪيو ۽ ھن سال ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ زراعت کي تباھ ڪري رھي آھي پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آھي. ھنن چيو ته زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي گھربل ڀاڻ مھيا ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
ڀاڻ جي کوٽ
سنڌ ۾ زرعي
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
kalani
0 تبصرے