English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي ليڊي ليڪچرار کي هراسان ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس نوڪري تان برطرف
161 views
|
19th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي ليڊي ليڪچرار کي هراسان ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس نوڪري تان برطرف
ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري جي شهيد الله بخش سومر يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس آصف علي شر کي ليڊي ٽيچر ۽ گرلس هاسٽل وارڊن کي حراسان ڪرڻ جي الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو آهي وائيس چانسلر، سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وومين هراسمينٽ ڪميٽي جي سفارش تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري ايڪٽ 2010 جي سيڪشن (b) (4) (ii) تحت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي آصف علي شر کي ملازمت تان فارغ ڪري ڇڏيو سيبس يونيورسٽي جي وومين هراسمينٽ ڪميٽي ۽ گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس آصف علي شر خلاف ايڊجنڪٽ فيڪلٽي ۽ گرلز هاسٽل جي وارڊن جي شڪايت تي کيس هراسان ڪرڻ جي الڳ الڳ جاچ ڪئي. گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو 15 اپريل 2024ع تي سيبس يونيورسٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، جڏهن ته وومين هراسمينٽ ڪميٽي 17 اپريل 2024 تي رپورٽ وائيس چانسلر کي جمع ڪرائي. وائيس چانسلر ٻنهي ڪميٽين جي سفارش تي آصف علي شر کي ملازمت تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. اهو معاملو سنڊيڪيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. يونيورسٽي طرفان ڪيل فيصلي جي ڄاڻ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، حڪومت سنڌ، ڊائريڪٽوريٽ آف هيومن رائيٽس، حڪومت سنڌ، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ ڪراچي ۽ ڊي ايس پي گرلز ريسڪيو سينٽر ڄامشورو کي موڪلي وئي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڄامشورو
شهيد الله بخش سومرو
ليڊي ليڪچرار
راحيلا اعواڻ
harassment
university
sex
0 تبصرے