English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رتوديرو: ويسر ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو
175 views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
رتوديرو: ويسر ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو
رتوديرو ۾ ويسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ھڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، رتوديرو ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ چنگل ۾ 11 ڌينهن اڳ ويسر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل 25 ورهين جو نوجوان مجاهد پٽ عبدالعزيز ويسر علاج دوران لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نہ سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان فوتي جي امڙ زوليخان خاتون چيو تہ معمولي ڳالھ تان شبير، پرويز، صدام ويسر ۽ انهن جي ٻين ساٿين اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجا ٻہ پٽ مجاهد ۽ نصر الله زخمي ٿي پيا هئا، جنهن ۾ مجاهد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هيوسين، جتي هو اڄ فوت ٿي ويو، هن چيو تہ اسان جي مخالفن اسان جي گهرن تي بہ قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي گهر جو سڄو سامان بہ پوليس کڻي وئي آھي، هن ڊي آءِ جي ٖ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو تہ واقعي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ياد رهي تہ 11 ڏينھن اڳ ويسر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي سبب هڪ ڌر جو 70 ورهين جو پيرسن بخشل ويسر قتل ٿي ويو هيو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رتوديرو
ويسر برادري
0 تبصرے